ڪوئيٽا ۾ گيس سئلينڊر ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري هڪ ئي خاندان جا 4 ماڻهو فوت

ڪوئيٽا-30 جنوري (اي پي پي) ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ گيس سلينڊر ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ايڌي عملدارن مطابق ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ واقعي ليبر ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گيس سئلينڊر ليڪ ٿيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 2 ٻار، هڪ عورت ۽ هڪ مرد شامل آهن. ايڌي عملدارن مطابق فوتن جي …

ڪوئيٽا-30 جنوري (اي پي پي) ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ گيس سلينڊر ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ايڌي عملدارن مطابق ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ واقعي ليبر ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گيس سئلينڊر ليڪ ٿيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 2 ٻار، هڪ عورت ۽ هڪ مرد شامل آهن. ايڌي عملدارن مطابق فوتن جي سڃاڻپ شاهد، شبانه، بن يامين ۽ هڪ ٻار طور ٿي آهي. لاشن کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، جتي وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.