مهارتن جي ترقي، بنا وياج مالي مدد، اثاثن جي منتقلي ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن کي هٿي ڏيارڻ سان غربت جون پاڙون پٽي سگهجن ٿيون: ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مير غلام علي ٽالپر چيو آهي ته مهارتن جي ترقي، بنا وياج مالي مدد، اثاثن جي منتقلي ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن کي هٿي ڏيارڻ وارو عمل ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت جون پاڙون پٽڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. سافڪو هيڊ آفيس حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن …

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مير غلام علي ٽالپر چيو آهي ته مهارتن جي ترقي، بنا وياج مالي مدد، اثاثن جي منتقلي ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن کي هٿي ڏيارڻ وارو عمل ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت جون پاڙون پٽڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. سافڪو هيڊ آفيس حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وزيراعظم جي بنا وياج قرض پروگرام جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۽ ’ايڇ اين فوڊ پروڊڪٽس‘ فيڪٽري جي افتتاح واري موقعي تي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ غربت گهٽائڻ ۽ سماجي تحفظ بابت واري کاتي جي سيڪريٽري نويد احمد شيخ، سافڪو گروپ جي باني ۽ صدر ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو سميت سميڊا ۽  سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب دوران مير غلام علي ٽالپر ماڻهن جي سماجي تحفظ، روزگار جي سهائتا، ڪاروباري ترقي ’پي پي اي ايف‘، سافڪو ۽ ٻين اهڙن ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهڙا قدم ڪمزور طبقن، خاص طور عورتن ۽ نوجوانن کي ٻين تي ڀاڙڻ واري حالت مان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ باوقار روزگار لاءِ مدد ڏين ٿا. هن يورپي يونين، انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ حڪومتي ڀائيوارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ پي پي اي ايف تي زور ڀريو ته تعليم ۽ مهارت وارا وڌيڪ پروگرام متعارف ڪرايا وڃن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ’پي پي اَي ايف‘ جي چيف ايگزيڪيوٽو نادر گل چيو ته پي پي ايف ايف ملڪ جي 150 ضلعن ۾ 164 مقامي تنظيمن جي سهڪار سان ثابتين وارن انگ اکرن سان اپاءَ وٺڻ ذريعي مرحليوار معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اڳڀري رهي آهي. هن چيو ته مهارتن، مالي وسيلن ۽ مارڪيٽن تائين رسائي پيڙهين کان هلندڙ غربت جي خاتمي لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي. ان ڏس ۾ پي پي اي ايف وزير اعظم جي بنا وياج قرض پروگرام هيٺ ملڪ جي 67 ضلعن ۾ 49.3 ارب روپين جي ماليت جا لک ماڻهن کي قرض ڏنا آهن، جن جو تعداد 13.5 لک کان وڌيڪ آهي. جن مان سنڌ ۾ 9.86 ارب روپيا ٻه لک ستر هزار ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. گراسپ منصوبي تي ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 46 هزار جي لڳ ڀڳ ننڍن ڪاروباري ادارن کي متحرڪ ڪيو ويو، جن کي هڪ ارب 12 ڪروڙ جا قرض ۽ هڪ ارب 32 ڪروڙ جي مالي امداد ڏني وئي، جنهن سان 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا.