سنڌ اسيمبليءَ پاران ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي رٿ متفقه طور تي منظور

ڪراچي اي پي پي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي جي ايمبولينسز کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ڪهڙين حالتن ۾ سائرن ۽ لائيٽس جو استعمال ڪرڻو آهي. هن چيو ته مريض کي کڻڻ ۽ اسپتال پهچائڻ دوران ئي سائرن وڄايو ويندو آهي. هن …

ڪراچي اي پي پي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي جي ايمبولينسز کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ڪهڙين حالتن ۾ سائرن ۽ لائيٽس جو استعمال ڪرڻو آهي. هن چيو ته مريض کي کڻڻ ۽ اسپتال پهچائڻ دوران ئي سائرن وڄايو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران وڌيڪ نيون بسون خريد ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ڪجهه بسون پورٽ تي پهچي چڪيون آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت وڌيڪ 500 بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هر شهري کي بهتر ٽرانسپورٽ سهولت فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ سگنلز جي حوالي سان ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ٽريفڪ اختيارين کي هدايتون ڏيندو آهي، جڏهن ته انهن هدايتن تي عمل ڪرائڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي ذميواري آهي. شهر ۾ 12 نوان ٽريفڪ سگنلز لڳايا ويا آهن، جن ۾ ماڊل ڪالوني، گلبرگ، طاهر ولاز، ڪمپريهينسو اسڪول، ٽيپو سلطان روڊ، گرو مندر، موچي موڙ، ڪامران چورنگي، منور چورنگي، اسٽيل ٽائون، ٽائون شپ ڪراسنگ ۽ مدارس چوڪ اسپارڪو شامل آهن. هن ٻڌايو ته ٽريفڪ سمارٽ سسٽم ۽ سمارٽ سٽي منصوبي تي به ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڪجهه سگنلز آٽوميٽڪ ۽ ڪجهه ضرورت موجب مينوئل هلندا آهن. سگنلز جا ڪانٽريڪٽس سيپرا قانونن تحت شفاف بڊنگ ذريعي تجربي جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شٽل سروس کي سنڌ حڪومت جو هڪ اثرائتو قدم قرار ڏيندي چيو ته ان کان اڳ بسون صدر ۽ تاج ڪمپليڪس تائين اينديون هيون جنهن ڪري ٽريفڪ تي سخت دٻاءُ هوندو هو. هاڻي بس اسٽينڊز کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪري شهرين لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا مسافرن کي ڪراچي بس ٽرمينل تائين پهچائي ٿي، ۽ ان تي حڪومت کي ڪا به ادائيگي نه ڪرڻي پوندي ڇو ته اها سهولت ٽرانسپورٽرز فراهم ڪري رهيا آهن. موٽر وهيڪل انسپيڪشن بابت هن چيو ته پهرين فٽنس سرٽيفڪيٽ مينوئلي جاري ٿيندا هئا ۽ ڪو به رڪارڊ موجود نه هوندو هو، ايستائين جو ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان ايندڙ گاڏين کي به هتان سرٽيفڪيٽ ملي ويندا هئا. هاڻي ان سموري نظام کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي ۽ بغير ڪمپيوٽرائزڊ فٽنس جي ڪا به گاڏي روڊ تي نٿي هلي سگهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پهرين صرف ٻه موٽر وهيڪل انسپيڪٽر هئا، هاڻي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ 2025ع ۾ ان-فٽ گاڏين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. انگن اکرن موجب 2935 ڊمپر، 2138 آئل ٽينڪر، 183 ٽريڪٽر، 13918 ٽرالر، 30917 ٽرڪون ۽ 6109 واٽر ٽينڪرن جا چالان ڪيا ويا، جڏهن ته مجموعي طور تي 56200 گاڏين تي ڪارروائي ڪري 8 ڪروڙ 21 لک 68 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏي وزير جي هدايت آهي ته سمورن کاتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو وڃي. هاڻي مينوئل بدران آٽوميٽڊ سرٽيفڪيٽس جاري ٿي رهيا آهن جيڪو عوام لاءِ هڪ بهتر ۽ شفاف نظام آهي. هن ٻڌايو ته پي ٽي اي ۽ آر ٽي اي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي روٽ پرمٽس ڏيندا آهن، جڏهن ته اڳ جعلي روٽ پرمٽس ذريعي گاڏيون هلي رهيون هيون، هاڻي هر شيءِ آٽوميٽڊ آهي ۽ مڪمل رڪارڊ حڪومت وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ڪا گاڏي فٽ نه هجي ته ان کي تحويل ۾ ورتو ويندو آهي ۽ فٽ ٿيڻ بعد ئي روڊ تي اچڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. هن ڪراچي بس ٽرمينل ۾ جديد سهولتن ۽ 24 ڪلاڪ انسپيڪشن جو ذڪر ڪندي چيو ته سهراب گوٺ تي يو-ٽرنز سبب ٽريفڪ جا مسئلا هئا جيڪي حل ڪيا ويا آهن. هن ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ غير قانوني ٽرمينلز کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي سميت سنڌ جي هر شهر کي بسن جي ضرورت آهي ۽ ماس ٽرانزٽ منصوبن تي سنجيدگيءَ سان ڪم جاري آهي، جن ۾ ريڊ لائين ۽ ييلو لائين شامل آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جتي حڪومت بسون هلائي رهي آهي اتي نوان روٽ پرمٽس جاري نه پيا ڪيا وڃن ۽ پراڻا روٽ پرمٽس ختم ٿيڻ تي انهن جي تجديد به نه پئي ڪئي وڃي. هن پاڪستان جي پهرين اي وي بس سروس ۽ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس جو ذڪر ڪندي چيو ته اهي قدم ڊگهي مدي واري رٿابنديءَ جو حصو آهن. ييلو لائين ۽ ريڊ لائين منصوبن ۾ 5 سيڪڙو خرچ بسن تي ۽ 95 سيڪڙو انفراسٽرڪچر تي اچي رهيو آهي ڇو ته وڌندڙ آباديءَ کي ماس ٽرانزٽ سهولت ڏيڻ لازمي آهي. هن ٻڌايو ته روزانو ٻه لک ماڻهو سنڌ حڪومت جي بسن ۾ سفر ڪن ٿا، جڏهن ته گرين لائين جي روزاني رائيڊرشپ 50 هزار مان وڌي 80 کان 85 هزار تائين پهچي وئي آهي. اورنج لائين ۽ گرين لائين کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي ته جيئن مسافرن کي ٻيڻو ڪرايو نه ڏيڻو پوي. بي آر ٽي ۾ عورتن لاءِ پنڪ بسون هلي رهيون آهن جنهن سان عورتن جي حوصلا افزائي ٿي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مفت اي وي اسڪوٽي اسڪيم شروع ڪئي آهي. پهرين سڄي سنڌ ۾ صرف 150 عورتن وٽ موٽرسائيڪل جو ڊرائيونگ لائسنس هو، جڏهن ته هاڻي 15 هزار عورتن لائسنس لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. جن عورتن وٽ لائسنس هوندو انهن کي مفت اي وي اسڪوٽي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پنڪ بس سروس جي شروعات تي پوري دنيا جي ميڊيا ۾ مثبت خبرون شايع ٿيون ۽ اهي سمورا قدم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو عملي مثال آهن. هن چيو ته بسن ۽ ڊبل ڊيڪرز ۾ خاص ماڻهن (معذورن) لاءِ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ مختلف ميگا پروجيڪٽس جاري آهن، جن تي ڪي ايم سي ۽ لوڪل گورنمينٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جتي روڊن جا مسئلا آهن اتي سنڌ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي انفراسٽرڪچر لاءِ باقاعده بجيٽ مختص ڪئي آهي.