سنڌ جي گورنر پاران پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 14 سالن بعد سڌي ريت ھوائي رستي جي بحالي کي سٺو سنوڻ قرار

ڪراچي-30 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 14 سالن بعد سڌي ريت ھوائي رستي جي بحالي کي سٺو سنوڻ ۽ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو آھي. گورنر، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌين اڏامن جي بحالي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خاص مھمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، جتي ھن بنگلاديش جي ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر سان گڏجي ڪيڪ بھ ڪٽيو. ان …

ڪراچي-30 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 14 سالن بعد سڌي ريت ھوائي رستي جي بحالي کي سٺو سنوڻ ۽ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو آھي. گورنر، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌين اڏامن جي بحالي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خاص مھمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، جتي ھن بنگلاديش جي ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر سان گڏجي ڪيڪ بھ ڪٽيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ سڌين اڏامن سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ واپار تيزي سان زور وٺندو. هن چيو تھ ڪيترن ئي سالن بعد سازشن جو انت آيو آھي ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش ھڪٻئي جي ويجھو اچي رھيا آھن. گورنر ھندستاني وزيراعظم نريندر مودي کي نھ فقط پاڪستان پر بنگلاديش ۾ بھ بدامني جو ذميدار قرار ڏنو ۽ چيو تھ  پاڪستان ۽ بنگلاديش ڀارتي سازشن ۽ اڳرائي جو گڏجي ڀرپور مقابلو ڪندا. گورنر چيو تھ قومون فقط بيانن سان نھ پر فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ حقيقي جنگيون کٽي مضبوط ۽ باوقار بڻجنديون آھن. بعد ۾ گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڍاڪا کان ڪراچي ايندڙ پھرين سڌي اڏام جي مسافرن جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين گلدستا پيش ڪيا.