حيدرآباد باءِ پاس تي واڌو واه گيٽ ڀرسان سي اين جي اسٽيشن تي بيٺل سلينڊرن سان ڀريل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، هڪ شخص سڙي فوت،  هڪ ڄڻو

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) حيدرآباد باءِ پاس واڌو واه گيٽ ڀرسان سي اين جي اسٽيشن تي بيٺل سلينڊرن سان ڀريل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص سڙي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. تفصيل مطابق حيدرآباد باءِ پاس تي واڌو واه گيٽ ڀرسان هڪ سي اين جي اسٽيشن تي بيٺل سلينڊرن سان ڀريل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي …

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) حيدرآباد باءِ پاس واڌو واه گيٽ ڀرسان سي اين جي اسٽيشن تي بيٺل سلينڊرن سان ڀريل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص سڙي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. تفصيل مطابق حيدرآباد باءِ پاس تي واڌو واه گيٽ ڀرسان هڪ سي اين جي اسٽيشن تي بيٺل سلينڊرن سان ڀريل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سي اين جي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ هڪ شخص 49 ورهين جو الاهي بخش ڇڄڙو پٽ طيب خان ڇڄڙو سڙي فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته اتي بيٺل 3 موٽر سائيڪلون ۽ هڪ ڪار  ۽ سي اين جي اسٽيشن به سڙي وئي. باهه  اتي واقع هڪ گهر کي به پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن پيرسن سي اين جي اسٽيشن تي ڪم ڪندو هو. اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي واقعي واري هنڌ تي پهچي باهه کي وسائي ڇڏيو جڏهن ته فوتي جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.