ڪراچي-30 جنوري (اي پي پي) زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته آبادگارن جي مفادن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ سمورا فيصلا گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا، زرعي شعبي جي مجموعي بهتري ۽ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ مربوط قدم کنيا ويندا. اهڙو اظهار هن وفاقي تجويزن جي روشنيءَ ۾ شوگر سيڪٽر جي ڊي-ريگيوليشن پاليسي بابت سنڌ ڪابينا پاران قائم ڪيل سب ڪاميٽي جي …
آبادگارن جي مفادن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، سمورا فيصلا گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا: زراعت وارو صوبائي وزير
ڪراچي-30 جنوري (اي پي پي) زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته آبادگارن جي مفادن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ سمورا فيصلا گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا، زرعي شعبي جي مجموعي بهتري ۽ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ مربوط قدم کنيا ويندا. اهڙو اظهار هن وفاقي تجويزن جي روشنيءَ ۾ شوگر سيڪٽر جي ڊي-ريگيوليشن پاليسي بابت سنڌ ڪابينا پاران قائم ڪيل سب ڪاميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ وفاق طرفان شوگر سيڪٽر جي ڊي-ريگيوليشن بابت تجويز ڪيل پاليسي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، جڏهن ته آبادگار اڳواڻن ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪمند بابت تجويزون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ سنڌ ڪابينا متفقه سفارشون وفاق کي موڪليندي. اجلاس دوران صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ ڪمند جي فصل سميت آبادگارن جي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته صوبي جي هارين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته هاريءَ کي بااختيار بڻائي ئي زرعي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. صنعتن واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته هاري جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪن ۽ سندن پيداوار کي بهتر مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ جديد ذريعا دستياب هجن.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار علي شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، آبادگارن جي نمائندن ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.











