ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وفد جنهن جي اڳواڻي فائونڊيشن جي عالمي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايليس ڪري رهيو هو. ملاقات جو مقصد پاڪستان خاص طور سنڌ کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏيڻ …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد جي وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات
ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وفد جنهن جي اڳواڻي فائونڊيشن جي عالمي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايليس ڪري رهيو هو. ملاقات جو مقصد پاڪستان خاص طور سنڌ کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏيڻ هو. اجلاس دوران سنڌ ۾ پوليو جي موجوده وبائي صورتحال ۽ سال 2026ع لاءِ تيار ڪيل اسٽرٽيجڪ منصوبي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي وفد ۾ ڊاڪٽر انيتا زيدي (صدر، جينڊر اڪيولٽي ڊويزن)، ڊاڪٽر ڪيٿي نيوسيل (ڊائريڪٽر پوليو) ۽ ڊاڪٽر مائيڪل گيلي وي (ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليو) شامل هئا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فائونڊيشن جي مسلسل سهڪار تي ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ حڪومت پوليو خلاف جدوجهد ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون تي شڪرگذار آهي. هن چيو ته پوليو مهمن جي ڪوريج ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ حڪومت پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ پختو عزم رکي ٿي۔ ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايليس صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت انتهائي منظم نموني سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي تائين اسان جو سهڪار ۽ گڏيل ڪم جاري رهندو۔ اجلاس دوران ماحولياتي خدشن بابت به بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 2024ع ۾ 23 مان گهٽجي 2025ع ۾ 9 رهجي ويو آهي، پر ڪراچي ۾ ماحولياتي نمونن ۾ اڃا تائين وائرس جي موجودگي سامهون اچي رهي آهي. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان تازا مثبت ماحولياتي نمونا ڳڻتي جوڳا آهن، جنهن لاءِ وڌيڪ فعال ردِعمل جي ضرورت آهي۔ اجلاس ۾ جنوري کان جون 2026ع تائين لاءِ ڪراچي ايڪشن پلان تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن تحت خاص حڪمتِ عمليون متعارف ڪرايون ويون آهن، جن ۾ ڪميونٽي کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ سنگل ناڪ اسٽرٽيجِي ۽ پهرين ئي ڀيري مؤثر رسائي شامل آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ ماحولياتي نمونن جا نتيجا منفي بڻائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته بهتر نتيجن جي حاصلات لاءِ 2 فيبروري کان 8 فيبروري 2026ع تائين ملڪ گير پوليو مهم هلائي ويندي۔ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صحت واري سيڪريٽري جمشيد ميمڻ ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر شارق ميمڻ شرڪت ڪئي.











