نئون ديرو/لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) آمريڪي سفارتخاني جي پاڪستان ۾ مقرر سفير نيٽلي بيڪر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي سفارتخاني جي وفد نئون ديرو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي. آمريڪي وفد ۾ سياسي ۽ معاشي شعبي جو چيف پيٽر ميڪشري ۽ سياسي تجزييه نگار سانم نور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ اهم …
آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي وفد جي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات
نئون ديرو/لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) آمريڪي سفارتخاني جي پاڪستان ۾ مقرر سفير نيٽلي بيڪر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي سفارتخاني جي وفد نئون ديرو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي. آمريڪي وفد ۾ سياسي ۽ معاشي شعبي جو چيف پيٽر ميڪشري ۽ سياسي تجزييه نگار سانم نور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ اهم سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڳالهه ٻولهه کي هٿي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ترجيح وارن شعبن ۾ مسلسل ۽ تعميري سهڪار لاءِ پنھنجي عھد جو ورجاءُ ڪيو. وفد ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهدن جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۽ آئيني برتري کي برقرار رکڻ لاءِ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور انديشي، خدمتن ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ نثار احمد کھڙو، ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو، ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم پي اي ندا کهڙو ۽ ٻيا شامل هئا.











