لاڙڪاڻو - 29 جنوري(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪري ورتو آهي. تفصيل مُوجب حيدري ٿاڻي جي حدن ۾ جمالي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ڦورن کي انھن جي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.زخمي حالت ۾ …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار ھٿ
لاڙڪاڻو – 29 جنوري(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪري ورتو آهي. تفصيل مُوجب حيدري ٿاڻي جي حدن ۾ جمالي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ڦورن کي انھن جي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ آفتاب مھر طور ٿي آهي. شروعاتي معلومات موجب ڄاڻايل ڦورو تازين وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهي. زخمي ڦورو جي فرار ٿي ويل ساٿين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته زخمي ڦورو کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.











