عراق جي امڪاني چونڊيل وزيراعظم نورالمالڪي حڪومت سازي ۾ آمريڪي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو

بغداد-29 جنوري (اي پي پي) عراق جي وزيراعظم جي سڀني کان اهم اميدوار نورالمالڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن ڌمڪين کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هن عراق جي نظام ۾ آمريڪي مرضي ۽ خواهش مطابق وزيراعظم جي چونڊ نه ڪرڻ جي صورت ۾ عراق جي جاري امداد بند ڪرڻ جي حوالي سان ڏني هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن سندس بابت چيو هو ته جيڪڏهن عراق …

بغداد-29 جنوري (اي پي پي) عراق جي وزيراعظم جي سڀني کان اهم اميدوار نورالمالڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن ڌمڪين کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هن عراق جي نظام ۾ آمريڪي مرضي ۽ خواهش مطابق وزيراعظم جي چونڊ نه ڪرڻ جي صورت ۾ عراق جي جاري امداد بند ڪرڻ جي حوالي سان ڏني هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن سندس بابت چيو هو ته جيڪڏهن عراق ۾ نورالمالڪي کي وزيراعظم چونڊيو ويو ته سندس ملڪ عراق جي امداد بند ڪري ڇڏيندو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي نورالمالڪي لکيو آهي ته اسان ان کي عراق جي جمهوري نظام جي ڀڃڪڙي سمجهون ٿا، جنهن جو آمريڪا کي ڪو حق ناهي ان ڪري اسان ان کي رد ڪريون ٿا. نورالماڪي پنهنجي ردعمل ۾ لکيو ته اسان آمريڪا طرفان ان کليل مداخلت کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا جيڪا آمريڪا عراق جي اندروني معاملن ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به چيو ته هو عراق جي عوام جي بهترين مفادن ۽ ڪاميابين لاءِ پنهنجي ڪم کي آخري وقت تائين جاري رکندو. ياد رهي ته نورالمالڪي ٻيهر عراق جو وزيراعظم چونڊجي چڪو آهي.

مزید خبریں