خيبر پختونخواه جي گورنر سان اڳوڻي سينيٽر ۽ مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه جي ملاقات، صوبي جي صورتحال تي ڳالهيون

پشاور-28 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اڳوڻي سينيٽر ۽ مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ سيد ظفر شاهه گورنر هاوئس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران صوبي جي سياسي صورتحال، جمهوري استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ سياسي پارٽين جي اثرائتي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده حالتن …

پشاور-28 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اڳوڻي سينيٽر ۽ مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ سيد ظفر شاهه گورنر هاوئس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران صوبي جي سياسي صورتحال، جمهوري استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ سياسي پارٽين جي اثرائتي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده حالتن ۾ سياسي پارٽين تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي عوام جي بهتري ، قومي يڪجهتي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات دوران فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جي ترقي، گورننس چيلينجز، معاشي صورتحال ۽ عوام کي درپيش ڏکيائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته سياسي استحڪام کان سواءِ پائيدار ترقي ممڪن نه آهي ان لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.