ڪوئٽا -28 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته صوبائي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت ڪوششن سبب ڪوئٽا شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ڏوهن جي شرح ۾ واضح گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل ٻن مهينن …
ٻن مهينن دوران ڪوئٽه شهر ۾ ڏوهن جي شرح 70 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي: مير سرفراز بگٽي
ڪوئٽا -28 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته صوبائي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت ڪوششن سبب ڪوئٽا شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ڏوهن جي شرح ۾ واضح گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران ڪوئيٽا شهر ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت پاران کنيل قدم درست رخ تي گامزن آهن. شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي پائيدار بنياد تي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري آهن. وزيراعليٰ ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته حڪومت صوبي ۾ پائيدار امن جي قيام تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مڪمل سرپرستي جاري رکندي ۽ شهرين کي هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن جو استعمال ڪيو ويندو.











