نئين دهلي _ 28 جنوري(اي پي پي)ڀارتي رياست مهاراشٽرا جو نائب وزيراعليٰ اجيت پورا جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق مهاراشٽرا جو نائب وزيراعليٰ ۽ اين سي پي جو اڳواڻ اجيت پورا مقامي چونڊن جي سلسلي ۾ اربع ڏينهن صبح جو هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ لاءِ بارامتي پهتو هو جتي ايئر پورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ دوران جهاز حادثي جو شڪار ٿي …
ڀارتي رياست مهاراشٽر جو نائب وزيراعليٰ اجيت پورا جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار

مزید خبریں
نئين دهلي _ 28 جنوري(اي پي پي)ڀارتي رياست مهاراشٽرا جو نائب وزيراعليٰ اجيت پورا جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق مهاراشٽرا جو نائب وزيراعليٰ ۽ اين سي پي جو اڳواڻ اجيت پورا مقامي چونڊن جي سلسلي ۾ اربع ڏينهن صبح جو هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ لاءِ بارامتي پهتو هو جتي ايئر پورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ دوران جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اجيت پور، 2 پائليٽ ۽ نائب وزيراعيٰ جا 2 سيڪيورٽي اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا. حادثي واري هنڌ تان مليل تصويرن مان جهاز جو ملبو سڄي علائقي ۾ وکريل نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان شعلا ۽ دونهون نظر اچي رهيو آهي. اجيت پورا ممبئي چارٽرڊ جهاز ليئر جيٽ -45 ذريعي بارامتي روانو ٿيو هو. هن گذريل ڏينهن ممبئي ۾ ڪابينه جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ پونا ۾ ايندڙ مقامي چونڊن بابت ڪيترين ئي گڏجاڻين لاءِ بارامتي وڃي رهيو هو.











