لاڙڪاڻو -27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي خواتين ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پوزيشن هولڊر شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيون ورهايُون. اسڪوٽيون فراهم ڪرڻ واري تقريب ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي طرفان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نوڍيرو ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ گورنمينٽ شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪاليج نئون ديرو ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جي پوزيشن هولڊر شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيون ورهايون ويُون. ان موقعي …
پاڪستان پيپلز پارٽي خواتين ونگ جي مرڪزي صدر، ايم پي اي فريال ٽالپر پاران پوزيشن هولڊر شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيون ورهايُون ويُون
لاڙڪاڻو -27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي خواتين ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پوزيشن هولڊر شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيون ورهايُون. اسڪوٽيون فراهم ڪرڻ واري تقريب ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي طرفان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نوڍيرو ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ گورنمينٽ شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪاليج نئون ديرو ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جي پوزيشن هولڊر شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيون ورهايون ويُون. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعو لاڙڪاڻي جو صدر ۽ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، جميل احمد سومرو، ضلعو لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري، وائس چيئرمين اسدالله ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هُئا.











