ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي) سنڌ ڪابينا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سربراهي ۾ گل پلازا ۾ ٿيل افسوسناڪ باهه واري واقعي تي غور ويچار کان پوءِ ڪابينا جي هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، بلديات وارو وزير …
سنڌ ڪابينه پاران گل پلازه واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سربراهي ۾ گل ذيلي ڪميٽي قائم
ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي) سنڌ ڪابينا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سربراهي ۾ گل پلازا ۾ ٿيل افسوسناڪ باهه واري واقعي تي غور ويچار کان پوءِ ڪابينا جي هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، بلديات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، گهرو ۽ قانون وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ پورھيتن جي کاتي بابت وزير سعيد غني ڪميٽي جا ميمبر هوندا.ذيلي ڪميٽي گل پلازا سانحي بابت پيش ٿيندڙ جاچ رپورٽ جو جائزو وٺندي، سمورا ضروري قانوني ۽ اصلاحي اپاءَ تجويز ڪندي ۽ ايندڙ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.











