ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع کاتي پاران ايوان زراعت سنڌ جي حوالي سان خبر جي ترديد

حيدرآباد-27 جنوري (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع کاتي پاران ايوان زراعت سنڌ جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ  اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جي ترديد ڪندي چيوآهي ته ڪڻڪ جي پوکي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان سال 26-2025ع لاءِ مقرر ڪيل حدف 14،16430 هيڪٽر (35،00140 ايڪڙ ) رکيو ويو آهي  جڏهن ته سال 26-2025ع دوران ڪڻڪ جي پوکي مقرر ڪيل حدف کان وڌيڪ 14،95589 هيڪٽر (36،95750 ايڪڙ ) ايراضي …

حيدرآباد-27 جنوري (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع کاتي پاران ايوان زراعت سنڌ جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ  اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جي ترديد ڪندي چيوآهي ته ڪڻڪ جي پوکي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان سال 26-2025ع لاءِ مقرر ڪيل حدف 14،16430 هيڪٽر (35،00140 ايڪڙ ) رکيو ويو آهي  جڏهن ته سال 26-2025ع دوران ڪڻڪ جي پوکي مقرر ڪيل حدف کان وڌيڪ 14،95589 هيڪٽر (36،95750 ايڪڙ ) ايراضي تي ٿي آهي جيڪا مقرر ڪيل حدف کان 5.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي،ان جو مک سبب سنڌ حڪومت پاران آبادگارن کي ڪڻڪ جي مالي سهائتا پروگرام ۾ (هڪ کان 25 )ايڪڙن وارن آبادگارن کي ( ڊي اي پي) ۽ يوريا ڀاڻ جي مد ۾ 22000 هزار رپيا في ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪرڻ آهي جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکي مقرر ڪيل حدف کان وڌيڪ ٿي آهي .