بيمارين کان بچاءَ لاءِ آگاهي تمام ضروري آهي، بنيادي صحت مرڪزن کي فعال ڪري رهيا آهيون: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد -27 جنوري (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته بيمارين کان بچاءَ ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ آگاهي تمام ضروري آهي، ننڍين بيمارين جي علاج معالجي لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي فعال ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ سينٽر جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته …

اسلام آباد -27 جنوري (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته بيمارين کان بچاءَ ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ آگاهي تمام ضروري آهي، ننڍين بيمارين جي علاج معالجي لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي فعال ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ سينٽر جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته عوام کي بيمارين  کان بچايون. ٽيلي ميڊيسن ذريعي مريضن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. ٽيلي ميڊيسن ذريعي ڊاڪٽر گهر ويٺي مريضن جو علاج ڪري سگهندا. هن چيو ته بيمارين کان بچاءَ ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ آگاهي تمام ضروري آهي، ڪجهه ڪم عوام جي ڪرڻ جا به هوندا آهن حڪومت دروازي تائين اچي سگهي ٿي پر دروازه کولي ٻارن کي ويڪسين ڪرائڻ  والدين جو فرض آهي.  هن چيو ته احتياط علاج کان بهتر آهي، هيلٿ ڪيئر جو مقصد بيمارين جو علاج نه پر عوام کي بيمارين کان بچائڻ آهي. بنيادي صحت مرڪز  ۾ 13 بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪورونا جي ويڪسين آئي ۽ ڪورونا وائرس  تي ضابطو آندو ويو. ڪينسر کان بچاءَ جي ويڪسين به 15 سالن ۾ اچي ويندي. هن چيو ته اسان کي بيمارين جي روڪٿام لاءِ بهتر کان بهتر انتظام ڪرڻا آهن.  يوسي کي ماڊل يوسي بڻائڻو آهي، جتي هڪ به ٻار ويڪسين کان سواءِ نه رهي. بنيادي صحت مرڪزن جو ٽائيم وڌائي شام جو 6 وڳي تائين ڪيو ويو آهي. اسان سمورن ماڻهن کي صحت جون بهتر سهولتون ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ عورتون ميڊيڪل ۾ وڌيڪ اچن ٿيون، پر هو جاب نه ٿيون ڪن. هن وقت ملڪ جون 70 سيڪڙو عورت ڊاڪٽر نوڪريون نه ڪري رهيون آهن. نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ اهي عورتون ٽيلي ميڊيسن ذريعي خدمتون فراهم ڪنديون.

مزید خبریں