اسلام آباد -27 جنوري (اي پي پي)سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي، ته فوجداري ڪيسن ۾ بريت جي فيصلن کي معمول طور چئلينج نٿو ڪري سگهجي ۽ اهڙن فيصلن ۾ مداخلت رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن سنگين قانوني خاميون يا انصاف جي واضح ڀڃڪڙي ثابت هجي. عدالت جعلي نڪاح نامي واري ڪيس ۾ شاهديون ناڪافي قرار ڏيندي بريت خلاف داخل فوجداري درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ پاران رپورٽنگ لاءِ …
فوجداري ڪيسن ۾ بريت جي فيصلن کي معمول طور چئلينج نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد -27 جنوري (اي پي پي)سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي، ته فوجداري ڪيسن ۾ بريت جي فيصلن کي معمول طور چئلينج نٿو ڪري سگهجي ۽ اهڙن فيصلن ۾ مداخلت رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن سنگين قانوني خاميون يا انصاف جي واضح ڀڃڪڙي ثابت هجي. عدالت جعلي نڪاح نامي واري ڪيس ۾ شاهديون ناڪافي قرار ڏيندي بريت خلاف داخل فوجداري درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ پاران رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ فوجداري پٽيشن نمبر 2020/213 جي ٻڌڻي کان پوءِ درخواست رد ڪئي. درخواست گذار شائسته قيصر پنهنجي اڳوڻي مڙس الطاف احمد خان خلاف تعزيرات پاڪستان جي قلم 420 تحت ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته جوابدار پاڪستان ايروناٽيڪل ڪامپليڪس ڪامره ۾ هڪ مبينه جعلي نڪاح نامو جمع ڪرائي غيرقانوني فائدو حاصل ڪيو. عدالت موجب ٽرائل ڪورٽ 22 جنوري 2020ع تي جوابدار کي بري ڪيو هو. جڏهن ته ان فيصلي خلاف داخل اپيل کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ 12 فيبروري 2020ع تي رد ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ درخواست گذار سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي، ته گذارش ڪندڙ پاران سي پي اي سي جي ڪنهن انڪوائري آفيسر يا رڪارڊ ڪيپر کي گواهه طور پيش ناهي ڪيو ويو. حالانڪه ڪيس جو دارومدار ان ئي سرڪاري رڪارڊ تي هو. عدالت نشاندهي ڪئي ته مبينه جعلي نڪاح نامو نه ته فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن لکت جي ماهر کان ان جي تصديق ڪرائي وئي. عدالت وڌيڪ مشاهدو ڪيو ته درخواست گذار شروع کان ئي سمورن حقيقتن کان بي خبر هئي. ان باوجود طلاق جي اٽڪل 7 سالن کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، جنهن جو ڪو به مناسب سبب عدالت سامهون پيش ناهي ڪيو ويو . فيصلي ۾ چيو ويو ته تعزيرات پاڪستان جي قلم 420 تحت ڏوهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڌوڪو ڏيڻ ۽ ڏوهاري نيت جو شروع کان موجود هئڻ ضروري آهي جيڪو هن ڪيس ۾ ثابت ناهي ٿي سگهيو. عدالت موجب جيڪڏهن ڪو مبينه ڌوڪو ڏنو ويو آهي ته به ان جو سڌي ريت متاثر ڌر يا لاڳاپيل ادارو هو. جنهن پاڻ ڪنهن قسم جي فوجداري ڪارروائي نه ڪئي. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته بريت جي فيصلي ۾ مداخلت رڳو ان صورت ۾ ممڪن هوندي آهي جڏهن فيصلو بدنيتي، شاهدين جي سنگين غلط تشريح يا انصاف جي واضح ڀڃڪڙي تي ٻڌل هجي، جڏهن ته موجوده ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن ۾ اهڙي ڪا به قانوني خامي ثابت ناهي ٿي. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار کي ٻٽو فائدو بي گناهي حاصل آهي ۽ درخواست گذار الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. البته فوجداري درخواست خارج ڪئي پئي وڃي.











