آمريڪا پاران ڏکڻ ڪوريا تي 25 سيڪڙو ٽيڪسز وڌائڻ جو اعلان

واشنگٽن -27 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته ڏکڻ ڪوريا پاران ٻح طرفي واپاري معاهدي کي قانون سازي ذريعي لاڳو نه ڪيو ويندو پر ڪجهه آمدني واپار تي ٽيڪسز (ٽيرف) ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ڪوريا جي قومي اسيمبلي آمريڪا سان طئي ٿيل …

واشنگٽن -27 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته ڏکڻ ڪوريا پاران ٻح طرفي واپاري معاهدي کي قانون سازي ذريعي لاڳو نه ڪيو ويندو پر ڪجهه آمدني واپار تي ٽيڪسز (ٽيرف) ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ڪوريا جي قومي اسيمبلي آمريڪا سان طئي ٿيل تاريخي واپاري معاهدي کي منظور ناهي ڪيو، ان لاءِ ڏکڻ ڪوريا مان آمدني واپار ٿيندڙ گاڏيون، ڪاٺ، دواسازي جي مصنوعات ۽ ٻي گڏيل محصول تي ٽيرف 15 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪيو پيو وڃي. هن ڏکڻ ڪوريا جي قومي اسيمبلي تي الزام لڳايو ته اها آمريڪا سان ڪيل معاهدي تي عملدرآمد ۾ ناڪام رهي آهي. آمريڪا جي صدر چيو ته واپاري معاهدا آمريڪا لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ آمريڪا هر معاهدي ۾ طئي ٿيل شرطن موجب پنهنجي محصول ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته هو پنهنجي واپاري حصيدارن مان به اهڙي طرز عمل جي اميد رکي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ ياد ڏياريو ته گذريل سال سندس حڪومت ڏکڻ ڪوريا سان 350 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو حاصل ڪيو هو جنهن تحت ڏکڻ ڪوريا مرحليوار انداز ۾ آمريڪا ۾ 200 ارب ڊالرن جي روڪ سيڙپڪاري ڪندو، جنهن جي ساليانو حد 20 ارب ڊالر ٿيندي، جڏهن ته باقي 150 ارب ڊالرز جهاز سازي جي شعبي ۾ خرچ ڪيا ويندا. ان معاهدي تحت آمريڪا ڏکڻ ڪوريا جي گاڏين تي لاڳو محصول 25 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. آمريڪي صدر موجب هن ڏکڻ ڪوريا کي ايٽمي آبدوز جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو، جڏهن ته انهن آبدوزن جي تعمير فلاڊيلفيا ۾ ڪئي ويندي.

مزید خبریں