واشنگٽن - 27 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران ويجهو سامونڊي ٻيڙو مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر ڳالهين ۽ معاهدي لاءِ ايران تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر اها ڳالهه تازو هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته اسان وٽ ايران ويجهو هڪ وڏو ٻيڙو موجود آهي جيڪو وينزويلا جي ڀيٽ ۾ به وڏو آهي پر هو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، مونکي ان …
ايران ويجهو سامونڊي ٻيڙو بيهاري ڇڏيو آهي، ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي:آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن – 27 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران ويجهو سامونڊي ٻيڙو مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر ڳالهين ۽ معاهدي لاءِ ايران تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر اها ڳالهه تازو هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته اسان وٽ ايران ويجهو هڪ وڏو ٻيڙو موجود آهي جيڪو وينزويلا جي ڀيٽ ۾ به وڏو آهي پر هو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، مونکي ان جو علم آهي جڏهن ته صدر ٽرمپ ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا. آمريڪي صدر اهو واضح ناهي ڪيو ته ايران خلاف هو ڪهڙو آپشن اختيار ڪري سگهي ٿو. اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.











