اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي، تنبيه جاري ڪئي آهي ته سومر جي رات ۽ 27 جنوري تي برفباري سبب ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪالام، چترال، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، مري، گليات، وادي نيلم، باغ، پونڇ، حويلي، ڪوئيٽا، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، نوشڪي، هرنائي ۽ زوب ۾ روڊن جي بند ٿيڻ ۽ ترڪڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ جو انديشو آهي. مٿانهين خيبرپختونخوا، …
برفباري سبب مختلف علائقن ۾ روڊ بند ٿيڻ ۽ ترڪڻ جي ڪري ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ جو امڪان آهي: موسميات کاتي جي تنبيه

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي، تنبيه جاري ڪئي آهي ته سومر جي رات ۽ 27 جنوري تي برفباري سبب ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪالام، چترال، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، مري، گليات، وادي نيلم، باغ، پونڇ، حويلي، ڪوئيٽا، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، نوشڪي، هرنائي ۽ زوب ۾ روڊن جي بند ٿيڻ ۽ ترڪڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ جو انديشو آهي. مٿانهين خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ / برفاني ڇپون ڪرڻ جو خطرو آهي، ان دوران سياحن کي محتياط رهڻ ۽ غير ضروري سفر کان احتياط جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهڻ کانسواءِ بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ وچولي کان شديد برفباري جو به امڪان آهي. (اڄ) اڱاري ڏينهن خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، اتر اوڀر پنجاب ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات / جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات/ وچولي کان شديد برفباري جو به امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان صوبي ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 12، ڪالام، زيارت ۾ ڪاٽو 08، استور، گوپس، پاراچنار ۾ ڪاٽو 07، مالم جبه، قلات، راولاڪوٽ ۾ ڪاٽو 05 ۽ نٿياگلي ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











