سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومتي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي هن گل پلازا سانحي  جي متاثر ماڻهن لاءِ جامع رليف، بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي قدمن جو به اعلان ڪيو. افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان …

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومتي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي هن گل پلازا سانحي  جي متاثر ماڻهن لاءِ جامع رليف، بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي قدمن جو به اعلان ڪيو. افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هي المناڪ واقعو سڄي صوبي لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ۽ انساني جان جو نقصان ڪنهن به معاوضي سان پورو نٿو ٿي سگهي. ڪورنگي ڪاز وي منصوبي جي اهميت تي زور ڀريندي وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين ۽ صنعتي اسٽيڪ هولڊرن سان ڪيل هڪ پراڻو واعدو هو. هن چيو ته برساتن دوران هي علائقو ڪٽجي ويندو هو جنهن سبب شهر عملي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. ان مسئلي جي حل لاءِ لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ هتي پل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته پل جي تعمير اٽڪل ڏيڍ سال اڳ شروع ٿي پر ڊيزائن سان لاڳاپيل مسئلن سبب دير ٿي. نئون پل لڳ ڀڳ 1.4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن ۾ ڇهه لين (هر پاسي ٽي) آهن ۽ ان تي 6.135 ارب رپين کان وڌيڪ جي لاڳت آئي آهي. وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ لانڍي جي صنعتي علائقن، روزانو سفر ڪندڙ ماڻهن ۽ ڀرپاسي جي ادارن جن ۾ انڊس اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، تعليمي ادارا ۽ رهائشي علائقا شامل آهن، لاءِ وڏي فائدي جو سبب بڻجندي. سندس موجب روزانو لڳ ڀڳ 50 لک ماڻهو هن پل مان فائدو حاصل ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورنگي ڪازوي پل ڪراچي جي زبون حال بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ وسيع تر منصوبي جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه لاڳاپيل ڪم اڃا جاري آهن جن ۾ شاهراهه ڀٽو کي ڪورنگي روڊ سان ڳنڍڻ شامل آهي. هن چيو اسان جو ارادو آهي ته شاهراهه ڀٽو عيد تائين يا عيد کان فوراً پوءِ کوليون جيتوڻيڪ لڳ ڀڳ ڏيڍ کان ٻن مهينن جي دير ٿي آهي پر عيد کان پوءِ ڪورنگي روڊ کان ايم-9 تائين رستو کوليو ويندو. وڏي وزير کي شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي هيٺ تعمير ٿيندڙ ڪنيڪٽنگ لوپس ۽ گريڊ سيپريٽيڊ انٽرچينج بابت به بريفنگ ڏني وئي جيڪو ڪورنگي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪاٺوڙ (ايم-9) هاءِ وي کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. ٽريفڪ کي بغير رڪاوٽ هلائڻ لاءِ ڪورنگي ۽ قيوم آباد لاءِ ٻه داخلا ۽ ٻه نيڪال جا رمپس ٺاهيا ويا آهن ته جيئن اندروني شهر جي رستن تي دٻاءُ گهٽجي.وڏي وزير چيو ته شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي ڪراچي جي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ڪنٽرولڊ ايڪسيس ڪوريڊور وسيلي پراڻن ٽريفڪ مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته واقعي کي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن ئي هر فوت ٿيل شخص جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو هو پر هن ٻيهر واضح ڪيو ته ڪا به رقم انساني جان جي نقصان جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي. هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي متاثر دڪاندارن لاءِ مالي امداد جو به اعلان ڪيو ويو هو. هن چيو جيستائين دڪاندار ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل نه ٿيندا، سنڌ حڪومت انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ ٻڌايو ته انهن قدمن جي ڪابينا کان جلد منظوري ورتي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته هر متاثر دڪاندار کي فوري طور پنج لک رپيا بطور گذر سفر امداد ڏني ويندي ته جيئن ايندڙ ٻن مهينن دوران گهر جو خرچ، ٻارن جي فيس ۽ يوٽيلٽي بل ادا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي سهڪار سان ڪاروباري نقصانن جي جاچ ۽ ادائيگي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هن يقين ڏياريو ته باهه ۾ تباهه ٿيل سامان ۽ اسٽاڪ جو معاوضو به ڪي سي سي آءِ جي مدد سان ڏنو ويندو. وڏي وزير موجب ڪيترن ئي عمارت مالڪن متاثر دڪاندارن کي عارضي طور جاءِ فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن عمارتن جو علم آهي، هڪ ۾ لڳ ڀڳ 500 دڪان ۽ ٻي ۾ 350 دڪان آهن. ان کان علاوه سرڪاري پارڪنگ پلازا ۽ ٻيون عمارتون به گنجائش رکن ٿيون. وڏي وزير ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 1300 متاثر دڪانن کي ٻن مهينن اندر متبادل جڳهون ڏنيون وينديون ته جيئن واپاري ان عرصي دوران پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سگهن. هن عبوري مرحلي دوران وڌيڪ مالي مدد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ ذريعي هر متاثر دڪاندار کي 10 لک رپين تائين بغير وياج جي قرض ڏنو ويندو. حڪومت ان قرض جي ضمانت ڏيندي، وياج پاڻ ڀريندي ۽ بغير ڪنهن سفارش جي قرض فراهم ڪيو ويندو. آخر ۾ وڏي وزير چيو ته گل پلازا جي ٻيهر تعمير متاثر دڪاندارن سان صلاح مشوري سان ڪئي ويندي. هن شفافيت ۽ انصاف جي يقين ڏياريندي چيو دڪانن جو انگ ساڳيو رهندو، هڪ به اضافي دڪان تعمير نه ڪيو ويندو.وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. ڪورنگي ڪازوي تي پهچڻ تي وڏي وزير جو ڀليڪار خاص مددگار علي راشد، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد ۽ ٻين عملدارن ڪيو.