سنڌ جي گورنر پاران عالمي ڪسٽمز ڊي 2026ع جي موقعي تي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي واڌايون

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عالمي ڪسٽمز ڊي 2026ع جي موقعي تي ڪسٽمز جي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي واڌايون ڏيندي چيو آھي ته ڪسٽمز فورس ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ سرحدي تحفظ ۾ نھايت اھم ڪردار ادا رھيو آھي. ھن چيو ته واپار کي زور وٺائڻ، قومي آمدني ۾ اضافي ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ڪسٽمز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آھن. گورنر سنڌ وڌيڪ …

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عالمي ڪسٽمز ڊي 2026ع جي موقعي تي ڪسٽمز جي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي واڌايون ڏيندي چيو آھي ته ڪسٽمز فورس ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ سرحدي تحفظ ۾ نھايت اھم ڪردار ادا رھيو آھي. ھن چيو ته واپار کي زور وٺائڻ، قومي آمدني ۾ اضافي ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ڪسٽمز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آھن. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ پيشيوراڻي تربيت سان ڪسٽمز جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائي سگھجي ٿو، جنھن سان واپاري سھولتڪاري سان گڏوگڏ شفافيت به زور وٺندي. ڪامران خان ٽيسوري فرض نڀائيندي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ ڪسٽمز جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم سندن قربانين کي ڪڏھن به فراموش نه ڪندي.