سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي تاريخي عمارت جي مرمت جو فيصلو

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي تاريخي عمارت جي مرمت جو فيصلو ڪيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان موجب وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ هن مشهور ڪنسلٽنگ انجنيئر مشتاق ايڇ دائود سان هڪ تفصيلي ملاقات ڪئي آهي، جيڪو سنڌ مدرسة الاسلام …

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي تاريخي عمارت جي مرمت جو فيصلو ڪيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان موجب وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ هن مشهور ڪنسلٽنگ انجنيئر مشتاق ايڇ دائود سان هڪ تفصيلي ملاقات ڪئي آهي، جيڪو سنڌ مدرسة الاسلام جو اڳوڻو شاگرد پڻ آهي، هن پاڻ اهڙيون خدمتون آڇيون آهن ۽ چيو آهي ته هو پنهنجي مادر علمي جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندو.ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته پهرين مرحلي ۾، جنهن عمارت ۾ حسن علي آفندي لائبريري قائم آهي، ان جي مرمت ڪرائي ويندي.اها عمارت 1898ع ۾ پرنسپل جي بنگلي طور ٺاهي وئي هئي ۽ 1985 ۾ سنڌ مدرسي جي 100 سالا تقريبن دوران لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو هئو.ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ وڌيڪ چيو ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي مکيه عمارت جي مرمت ڪرائي ويندي، ڇاڪاڻ ته ان کي محفوظ بڻائڻ جي به ضرورت آهي. مکيه عمارت جي تاريخ جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته ان جي تعمير جو ڪم 1887ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1890ع ۾ مڪمل ٿيو. ان کان پوءِ، سنڌ مدرسة الاسلام، جيڪو 1885ع ۾ خان بهادر حسن علي آفندي قائم ڪيو، ان کي بولٽن مارڪيٽ ويجهو ڪرائي جي عمارت مان هن نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو هو. هن چيو ته ان عمارت جو بنياد ان وقت جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن رکيو هو ۽ هيءَ ئي اها عمارت هئي جتي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جنوري 1892ع تائين تعليم حاصل ڪئي هئي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ان کان اڳ تاريخي عمارت ٽالپر هائوس جي مرمت جو ڪم اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران ڪرايو ويو آهي.