لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر طاهر حسين سانگي جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس

لاڙڪاڻو- 26 جنوري(اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر طاهر حسين سانگي چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن هن موذي مرض جي پاڙ پٽي سگھجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي مهم بابت پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي سڏايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر …

لاڙڪاڻو- 26 جنوري(اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر طاهر حسين سانگي چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن هن موذي مرض جي پاڙ پٽي سگھجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي مهم بابت پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي سڏايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، ڊپٽي ڪمشنر قمبر-شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو شوڪت علي ابڙو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر قمبر-شهدادڪوٽ، پوليس، رينجرز، لوڪل گورنمينٽ، پي پي ايڇ آءِ، هيلٿ کاتي سان لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته سڀني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز محنت ڪري هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پوليو مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن بابت بروقت آگاهي ڏني وڃي ته جيئن انهن کي حل ڪري سگھجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سان جيڪي سرحدون ملن ٿيون انهن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، اتان ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ موجود ٻارڙن کي پڻ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن. هن چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن پوليس عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته پوليو مهم دوران ٽيمن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. هن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي پڻ هدايتون ڏينون ته پوليو مهم دوران عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن وڌيڪ چيو ته اسڪولن، اسپتالن، مدرسن، ڊويزن جي سڀني يوسين، بس اسٽينڊز ۽ مسافر گاڏين ۾ موجود ٻارڙن کي پڻ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن اهي هميشه جي معذوري کان بچي سگھن. اجلاس ۾ گذريل پوليو مهم تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.ان موقعي تي اجلاس ۾ نقشن ۽ چارٽن وسيلي پوليو متعلق بريفنگ ڏني وئي. ياد رهي ته ايندڙ پوليو مهم 02 فيبروري کان 05 فيبروري 2026ع تائين جاري رهندي.