چين پاران رائيفل بردار ڊرون جو ڪامياب تجربو

بيجنگ -26 جنوري (اي پي پي) چين رائيفل بردار ڊرون جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.  پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب چين جي مشهور ٽيڪ ڪمپنين مان هڪ ووهان گائيڊ انفرا ريڊ هدف کي بي مثال درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ رائيفل بردار ڊرون جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. چين جون ڪمپنيون ويجهڙائي وارن سالن ۾ ڊرون جي ترقي ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيون آهن. ڪيترن ئي سويلين ماڊلز …

بيجنگ -26 جنوري (اي پي پي) چين رائيفل بردار ڊرون جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.  پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب چين جي مشهور ٽيڪ ڪمپنين مان هڪ ووهان گائيڊ انفرا ريڊ هدف کي بي مثال درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ رائيفل بردار ڊرون جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. چين جون ڪمپنيون ويجهڙائي وارن سالن ۾ ڊرون جي ترقي ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيون آهن. ڪيترن ئي سويلين ماڊلز جي عالمي مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي تشهير به ڪئي وئي آهي. جرنل آف گن لانچ اينڊ ڪنٽرول جي ڊسمبر جي شماري موجب رائيفل بردار ڊرون کي چين جي فوج جي آرمي اسپيشل آپريشنز اڪيڊمي جي سهڪار سان ٺاهيو ويو آهي. تجربي دوران ان زمين کان سطح کان 10 ميٽرن جي بلندي تان معياري رائيفل سان 100 ميٽر (328 فوٽ)  پري انساني سائز جي هدف تي 20 سنگل گوليون فائر ڪيون ۽ اهڙي طرح 100 سيڪڙو هٽ ريٽ حاصل ڪري ورتو. 20 مان 10 گوليون هدف تي 11 سينٽر ميٽر جي دائري ۾ لڳيون. اهڙي ريت ماڊلز جي برعڪس نئين ڊرون کي ڪسٽم بلٽ يا تبديل ٿيل باهه واري اوزار جي ضرورت ناهي پر اهو چين جي فوج جي استعمال هيٺ باقاعده اسالٽ رائيفل جو استعمال ڪندو آهي. اهڙي طرح جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي مبينه طور بهتر استحڪام ۽ هدفي الگورٿم سان گڏوگڏ نئين وڌندڙ نظام جو نتيجو آهي. ٻئي پاسي چين جي انجنيئرن  خاص سافٽ ويئر تيار ڪيو آهي جيڪو فاصلي، هوا جي لاڳت ۽ ٻين پيرا ميٽرز جي بنياد تي فائرنگ جي دائري کي ايڊجسٽ ڪري ٿو. اهو سڀ ڪمپيوٽر سموليشن ذريعي ڪيو ويندو آهي. رپورٽ موجب اهو ڊرون في الحال هڪ هڪ گولي فائر ڪري سگهي ٿو. ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن آف چائنا (اي وي آءِ سي) گذريل مهيني پنهنجي هيوي ويٽ جيٽ تي هلندڙ جيوٽيان (هائي اسڪائي) ڊرون جي پهرين اڏام جو اعلان ڪيو هو جيڪو 100 ننڍا اي آءِ  گائيڊڊ  جو ميڪازي ڊرون کي کڻي وڃي ڪنهن هدف وٽ ڇڏي سگهي ٿو. ڊرون کي کڻي ويندڙ هوائي جهاز ڊرون مدرشپ جنهن کي وڌ کان وڌ پي لوڊ جي گنجائش اٽڪل ڇهه ٽن آهي، ان کان اڳ مختلف هوا مان زمين ۽ هوا مان هوا ۾ هدف کي نشانو بڻائڻ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. مينيوفيڪٽرر موجب جيوٽيان 15 هزار 15 ميٽر (49212.5 فوٽ)  جي بلندي تي مسلسل 12 ڪلاڪن تائين اڏام ڪري سگهي ٿو.

مزید خبریں