تهران-26جنوري(اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ميمبر چيو آهي ته دشمن جي فوج جي مقرري جي جواب ۾ ايران جي هٿياربند فوج هاءِ الرٽ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران جي خطي ۾ دشمن جي سمورين حرڪتن تي لڳاتار نظر رکيل آهي ڪنهن به امڪاني ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ايران جي اسٽرائيڪ …
هٿيار بند فوج مڪمل طور تي هاءِ الرٽ آهي، جوابي قدم دشمنن جي اميد کان وڌيڪ هوندا: ايران

مزید خبریں
تهران-26جنوري(اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ميمبر چيو آهي ته دشمن جي فوج جي مقرري جي جواب ۾ ايران جي هٿياربند فوج هاءِ الرٽ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران جي خطي ۾ دشمن جي سمورين حرڪتن تي لڳاتار نظر رکيل آهي ڪنهن به امڪاني ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ايران جي اسٽرائيڪ رينج آبنائي هرمز کان وٺي خطي ۾ آمريڪا جي سمورن مفادن تي ٻڌل آهي. جوابي قدم دشمن جي اميدن کان وڌيڪ هوندا. پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اسرائيل موجب آمريڪي بحريه جو ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ ابراهم لنڪن وچ اوڀر پهچي ويو آهي ۽ هو آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي دائري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪي فضائيه اعلان ڪيو آهي ته هو جلد وچ اوڀر ۾ جنگي تيارين جي مشق شروع ڪندو. اسرائيل جي ڊفينس فورسز جي اتر ڪمانڊ جي ڪمانڊر چيو آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ ۾ لڳاتار اضافي سبب اسرائيلي فوج ايران خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي تي ايران جي رد عمل جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ هاءِ الرٽ آهي. هن چيو ته آمريڪا ايران تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته ايران جي جوابي ڪارروائي اسرائيل کي متاثر ڪري سگهي ٿي جنهن لاءِ اسرائيل جي فوج تيار آهي.











