صحت جي عالمي اداري کان ڌار ٿيڻ جو آمريڪا جو پيش ڪيل جواز درست ناهي: ٽينڊرروس ايڊهانوم گيبريس

 جنيوا _ 26 جنوري (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس چيو آهي ته صحت واري عالمي اداري کان ڌار ٿيڻ جوآمريڪا جو پيش ڪيل سبب درست ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو ته ان فيصلي سبب آمريڪا سميت سڄي دنيا غير محفوظ ٿي ويندي. ڊبليو ايڇ او …

 جنيوا _ 26 جنوري (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس چيو آهي ته صحت واري عالمي اداري کان ڌار ٿيڻ جوآمريڪا جو پيش ڪيل سبب درست ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو ته ان فيصلي سبب آمريڪا سميت سڄي دنيا غير محفوظ ٿي ويندي. ڊبليو ايڇ او جي باني ميمبر جي حيثيت سان آمريڪا جي خدمت کي ساراهيندي ٽيڊروس ايڊهانوم چيو ته بدقسمتي سان ڊبليو ايڇ او کان ڌار ٿيڻ لاءِ آمريڪا طرفان ڏنل سبب صحيح ناهي. هن ان فيصلي کي آمريڪا ۽ دنيا ٻنهي لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ آمريڪا ٻيهر ڊبليو ايڇ او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو. ان ڏينهن صحت جو عالمي ادارو به هڪ بيان جاري ڪندو، آمريڪي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٽرمپ انتظاميه طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں