ايران پاران ملڪ ۾ جاري احتجاجي وڳوڙن دوران 30 هزار ماڻهن جي مارجي وڃڻ بابت اولهه جي ميڊيا جي رپورٽن جي ترديد

تهران -26 جنوري (اي پي پي) ايران اولهه جي ميڊيا جي انهن رپورٽن جي ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ جاري احتجاجي وڳوڙن دوران 30 هزار ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي دعوي ڪئي وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا  موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو آهي ته هٽلر جي طرز جو وڏو ڪوڙ، ڇا اهو انگ نه هيو جنهن کي …

تهران -26 جنوري (اي پي پي) ايران اولهه جي ميڊيا جي انهن رپورٽن جي ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ جاري احتجاجي وڳوڙن دوران 30 هزار ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي دعوي ڪئي وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا  موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو آهي ته هٽلر جي طرز جو وڏو ڪوڙ، ڇا اهو انگ نه هيو جنهن کي هوايران جي روڊن تي مارڻ جو منصوبو بڻائي رهيا پر هو ناڪام رهيا ۽ هاڻي ميڊيا ۾ ان کي ڪوڙ طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهو واقعي ڪوڙو  عمل آهي ايران ۾ بدامني جي شروعات 29 ڊسمبر تي ان وقت ٿي جڏهن ايران جي ريال جي قدر ۾ شديد گهٽتائي کانپوءِ روڊن تي احتجاج شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن تائين پکڙجي ويو. اختيارين موجب انهن واقعن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جا 40 اهلڪار مارجي ويا. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي موجب 8 جنوري تي مظاهرو ڪندڙن ۾ هٿيار بند دهشتگرد به شامل ٿي ويا هيا. ايران جي اختيارين بدامني کي منظم ڪرڻ جو الزام اسرائيل ۽ آمريڪا تي لاڳو ڪيو آهي. 23 جنوري تي عباس عراقچي چيو هيوته هنگامن دوران فوتگين جو انگ 3،117 تائين پهچي چڪو آهي جن ۾ عام شهرين سان گڏو گڏ سيڪورٽي اهلڪار به شامل آهن . ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کان خبردار ڪيو هيو ته هو ايران خلاف طاقت جي استعمال تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيا آهي.

مزید خبریں