واشنگٽن-24 جنوري (اي پي پي) آمريڪا واضح ڪيو آهي ته هو ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪا جي تازي ترين نيشنل ڊيفنس اسٽريٽجي ۾ چئي وئي آهي. دستاويز مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ان موقف جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. نيشنل ڊيفنس …
ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن-24 جنوري (اي پي پي) آمريڪا واضح ڪيو آهي ته هو ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪا جي تازي ترين نيشنل ڊيفنس اسٽريٽجي ۾ چئي وئي آهي. دستاويز مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ان موقف جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. نيشنل ڊيفنس اسٽريٽجي ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي قيادت ان امڪان کي رد ناهي ڪيو ته هو ٻيهر ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن هو بامعني ڳالهين کان پاسو ڪري. دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واشنگٽن ايران جي سرگرمين تي نظر رکي آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به امڪاني خطري کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو هو ته ايران آمريڪا سان برابري جي سطح تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.











