غزه بورڊ آف پيس ۾ شريڪ ملڪن جو تعداد 25 کان 30  تائين پهچڻ جو امڪان آهي: ترڪيه جو پرڏيهي وزير

انقره -24 جنوري (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاڪان فدان چيو آهي، ته غزه لاءِ قائم ڪيل بورڊ آف پيس ۾ شريڪ ملڪن جي حتمي تعداد 25 کان 30  تائين پهچي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه ترڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي  چئي. حاڪان فدان موجب هن وقت بورڊ ۾ 19 ملڪ شامل آهن جڏهن ته ڪجهه ملڪن شموليت لاءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي، خاص طور تي …

انقره -24 جنوري (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاڪان فدان چيو آهي، ته غزه لاءِ قائم ڪيل بورڊ آف پيس ۾ شريڪ ملڪن جي حتمي تعداد 25 کان 30  تائين پهچي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه ترڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي  چئي. حاڪان فدان موجب هن وقت بورڊ ۾ 19 ملڪ شامل آهن جڏهن ته ڪجهه ملڪن شموليت لاءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي، خاص طور تي جرمني سان لاڳاپيل عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ. هن جو چوڻ هو ته اندازو آهي ته وڌيڪ 6 يا 7 ملڪ ان فورم ۾ شامل ٿيندا. واضح رهي ته جرمن چانسلر فريڊرڪ مرزا ان بورڊ ۾ شموليت تي راضپو ظاهر ڪري چڪو آهي. جڏهن ته سندس چوڻ آهي ته موجوده گورننس ڍانچي جي صورت ۾ جرمني ان ۾ شامل نه ٿيندو. ترڪ پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ترڪيه فلسطين جي معاملي تي قازقستان، ازبڪستان ۽ آذربائيجان سميت ٻين ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. جڏهن ته يورپ ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪجهه ملڪ به ان گروپ جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته ترڪيه فلسطيني ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندو، جڏهن ته هن ان عمل کي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته هاڻي معاملو ڳالهين جي ميز تائين اچي ويو آهي جتي مختلف ۽ متضاد مفاد رکندڙ ملڪ پنهنجي پنهنجي موقف لاءِ سرگرم آهن. ياد رهي ته 22 جنورتي تي ڊيووس ۾ نعقد ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي 19 ملڪن جي نمائندن غزه لاءِ بورڊ آف پيس جي قيام جي چارٽر تي صحيحيون ڪيون هيون.

مزید خبریں