ڪراچي-23 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اعلان ڪيو آهي ته گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيل ويلن جي پونئيرن کي هڪ هڪ رهائشي پلاٽ ڏنو ويندو. گذريل رات دير سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ارشد وهره ۽ گل پلازا جي متاثرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي بيان متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي ۽ گل پلازا …
گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيل ويلن جي پونئيرن کي هڪ هڪ رهائشي پلاٽ ڏنو ويندو: سنڌ جو گورنر
ڪراچي-23 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اعلان ڪيو آهي ته گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيل ويلن جي پونئيرن کي هڪ هڪ رهائشي پلاٽ ڏنو ويندو. گذريل رات دير سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ارشد وهره ۽ گل پلازا جي متاثرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي بيان متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي ۽ گل پلازا سانحي تي سياست ۽ بليم گيم بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ هفتو گذرڻ جي باوجود ذميدارن جو تعين نه ٿيڻ انتظاميه جي مجرماڻي غفلت آهي.هن واضح ڪيو ته گل پلازا ڪيس بند نه ٿيندو ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. گورنر سنڌ اعلان ڪيو ته هو چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جوڊيشل انڪوائري لاءِ خط لکي رهيو آهي ته جئين شفاف جانچ وسيلي اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته عوام ٽيڪس به ڏئي ۽ جان ۽ مال به قربان ڪري،جڏهن ته ذميدار ادارا آجا رهن. گورنر ٻڌايو ته حادثي واري رات هو پاڻ واقعي واري هنڌ پهتو، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ نيوي جي ڪمانڊر ڪراچي سان فوري رابطو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نيوي جي بروقت ڪارروائي سان ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو. گورنر موجب حادثي واري ڏينهن کان ريسڪيو اهلڪارن لاءِ کاڌو پاڻي گورنر هائوس مان فراهم ڪيو پيو وڃي. ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي ۾ وڌندڙ حادثن ۽ کليل گٽرن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪالهه صبح جو 70 سالن جو عنايت گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جيڪو شهري بدانتظامي جو واضح مثال آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ آصف علي زرداري کي اپيل ڪئي ته هو متاثرن لاءِ ڪردار ادا ڪن، جڏهن ته متاثرن ۽ واپاري برادري لاءِ فوري جامع رليف ۽ بيل آئوٽ پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو. هن ٻڌايو ته گل پلازا ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دڪانن سان لاڳاپيل 12 سؤ کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن.پريس ڪانفرنس ۾ موجود گل پلازا جي متاثرن وزيراعظم پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل کي انصاف جي اپيل به ڪئي.











