لاڙڪاڻو- 23 جنوري (اي پي پي) حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت جو جشن 3 شعبان المعظم جمعته المبارڪ 23 جنوري تي سڄي دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ به نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جيان لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به حضرت امام حسين عليه السلام جي جشن ولادت جي حوالي سان محفلُون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون …
حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت جو جشن سڄي دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ به نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو
لاڙڪاڻو- 23 جنوري (اي پي پي) حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت جو جشن 3 شعبان المعظم جمعته المبارڪ 23 جنوري تي سڄي دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ به نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جيان لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به حضرت امام حسين عليه السلام جي جشن ولادت جي حوالي سان محفلُون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويُون. منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ ممتاز عالمن ۽ خطيبن رسول الله پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي پياري ڏوھٽي حضرت امام حسين عليه السلام جي سيرت مطھر تي تفصيل سان روشني وڌي، رسول الله پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن امام حسين عليه اسلام جي لاءِ فرمايو آھي ته ” حسين مني وآنا من الحسين” حسين مون مان آھي ۽ مان حسين عليه اسلام مان آھيان. جڏهن ته ان موقعي تي مسجدن ۽ امام بارگاهن کي خوبصورت نموني سينگاريو ويو. لاڙڪاڻو جي مشھور مرڪزي امام بارگاهن انجمن پنجتني کچي امام بارگاه، امام بارگاه ولايت علي امير المومنين، امام بارگاه جعفريه، امام بارگاه غريب الوطن سميت مختلف امام بارگاهن مان ولادت جي خوشي ۾ جلوس ڪڍيا ويا ۽ ڪيڪ ڪاٽيا ويا.











