ڪشمور پوليس، سول ادارن ۽ سنڌ رينجرز جو گڏيل ڪامياب آپريشن، 03 خطرناڪ ڌاڙيلن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو -23 جنوري (اي پي پي) ڪشمور پوليس، وفاقي سول ادارن، سول انٽيليجنس ۽ سنڌ رينجرز جي گڏيل ڪامياب آپريشن دوران 03 خطرناڪ ڌاڙيلن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پوليس  ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي سرحدي ڪچي وارن علائقن ۾ جاري آپريشن دوران پوليس جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ 03 خطرناڪ ڌاڙيلن پاڻ کي  قانون حوالي ڪندي گرفتاري پيش ڪئي. گرفتاري …

لاڙڪاڻو -23 جنوري (اي پي پي) ڪشمور پوليس، وفاقي سول ادارن، سول انٽيليجنس ۽ سنڌ رينجرز جي گڏيل ڪامياب آپريشن دوران 03 خطرناڪ ڌاڙيلن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پوليس  ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي سرحدي ڪچي وارن علائقن ۾ جاري آپريشن دوران پوليس جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ 03 خطرناڪ ڌاڙيلن پاڻ کي  قانون حوالي ڪندي گرفتاري پيش ڪئي. گرفتاري پيش ڪندڙ خطرناڪ ڌاڙيل ڦرن، پئسن لاءِ اغوا، ڀتا خوري، پوليس مقابلن ، قتل، قتل جي منصوبابندي ۽ ٻين سنگين ڏوھن ۾ پوليس لاءِ انتهائي گھربل هئا.گرفتاري پيش ڪندڙن ۾ اللّٰه دين ولد اڪبر ڪوش، ياسين ولد ڪڙتي ڪوش، سڌير ولد مير محمد ڪوش شامل آهن.اهي ٽئي خطرناڪ ڌاڙيل، مني ڪوش/ گڊي ڪوش گينگ جا ويجها ساٿي آهن جيڪي ڊگهي عرصي کان علائقي ۾ سنگين قسم جي ڏوهن ۾ ملوث رهيا آھن.