واشنگٽن - 23 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا صحت جي عالمي اداري اداري ( ڊبليو ايڇ او ) کان باضبط طور تي ڌار ٿي ويو آهي. جنهن بعد جنيوا ۾ اداري جي هيڊ ڪوارٽر تان آمريڪي جهنڊو به هٽايو ويو آهي. آمريڪا صحت جي عالمي اداري جو سڀ کان وڏو مالي سهڪاري هو جنهن جو ڪل فنڊ 18 سيڪڙو هوندو هو. ان فيصلي جو وڏو سبب صحت جي عالمي …
آمريڪا پاران صحت جي عالمي اداري کان باضابط طور تي راهون ڌار

مزید خبریں
واشنگٽن – 23 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا صحت جي عالمي اداري اداري ( ڊبليو ايڇ او ) کان باضبط طور تي ڌار ٿي ويو آهي. جنهن بعد جنيوا ۾ اداري جي هيڊ ڪوارٽر تان آمريڪي جهنڊو به هٽايو ويو آهي. آمريڪا صحت جي عالمي اداري جو سڀ کان وڏو مالي سهڪاري هو جنهن جو ڪل فنڊ 18 سيڪڙو هوندو هو. ان فيصلي جو وڏو سبب صحت جي عالمي اداري طرفان ڪورونا وائرس جي موتمار بيماري دوران ناقص حڪمت عملي کي قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي صحت ۽ پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هاڻي آمريڪا جو صحت جي عالمي اداري سان ڪو تعلق انتهائي محدود رهندو . حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي مبصر طور به شراڪت جو ارادو نٿو رکي ۽ نه وري مستقبل ۾ ٻيهر شموليت جو ڪو منصوبو آهي. آمريڪا هاڻي صحت واري عالمي اداري بدران سڌيءَ ريت ٻين ملڪن سان گڏجي ڪري صحت جي شعبي ۽ بيمارين جي نگراني تي ڪم ڪندو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارت سنڀاليندي ئي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي ان جي واپسي جو اعلان ڪيو هو. آمريڪي قانون تحت واپسي کان هڪ سال اڳ نوٽيس ڏيڻ ۽ اٽڪل 26 ڪروڙ ڊالرن جي بقايا ادا ڪرڻ ضروري آهي، پر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اختيارين رقم جي ادائيگي جي شرط کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق جنيوا ۾ تنطيم جي هيڊ ڪوارٽر تان آمريڪي جهنڊو هٽايو ويو آهي. آمريڪا تازن هفتن ۾ گڏيل قومن جي ٻين ڪيترن ئي ادارن تان به هٿ کڻي چڪو آهي، جنهن سان عالمي سطح تي گڏيل قومن جي ڪمزور هجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. صحت واري عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس سميت ڪيترن ئي ماهرن ان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪندي ان کي آمريڪا ۽ سڄي دنيا لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو آهي. تنظيم موجب آمريڪا 2024ع ۽ 2025ع جون رهتون به ادا ناهن ڪيون. آمريڪا صحت واري عالمي اداري جو سڀ کان وڏو مالي مددگار هو جيڪو ڪل فنڊن جو 18 سيڪڙو فراهم ڪندو هو. ان جي وڃڻ سان تنظيم شديد مالي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انتظامي ٽيم اڌ رهجي وئي آهي ۽ هلندڙ سال جي وچ ڌاري عملي جي چوٿين حصي کي فارغ ڪرڻ جو خدشو آهي، جيتوڻيڪ گذريل هڪ سال دوران معلومات جي مٽاسٽا جاري رهي، پر مستقبل ۾ ان تعاون جي نوعيت اڃان واضح نه آهي.











