يوڪرين جي بحران جي حل لاءِ ڳالھيون واحد درست رستو آھن: چين

بيجنگ - 23 جنوري (اي پي پي) چين چيو آھي ته يوڪرين بحران جي حل لاءِ ڳالھيون واحد درست رستو آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينھن ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته يوڪرين بحران جي حوالي سان چين جو موقف واضح ۽ مستقل رھيو آھي. سندس چوڻ ھو ته چين ھميشه سياسي حل ۽ ڳالھين ذريعي تڪرار جي خاتمي جي حمايت ڪندو آيو آھي. ميڊيا …

بيجنگ – 23 جنوري (اي پي پي) چين چيو آھي ته يوڪرين بحران جي حل لاءِ ڳالھيون واحد درست رستو آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينھن ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته يوڪرين بحران جي حوالي سان چين جو موقف واضح ۽ مستقل رھيو آھي. سندس چوڻ ھو ته چين ھميشه سياسي حل ۽ ڳالھين ذريعي تڪرار جي خاتمي جي حمايت ڪندو آيو آھي. ميڊيا رپورٽس مطابق روس، آمريڪا ۽ يوڪرين جي اختيارين تي ٻڌل سيڪيورٽي معاملن بابت ٽه ڌرئي ورڪنگ گروپ جو پھرين اجلاس گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿي رھيو آھي. ترجمان ان اڳڀرائي جي حوالي سان ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين اھڙن سمورن قدمن جي آجيان ڪري ٿو جيڪي ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي ۽ بحران جي امن جي حل طرفان اڳڀرائي جو سبب بڻجن. چين عالمي برادري تي زور ڀريو آھي ته ھو ڳالھين ۽ سفارتي ذريعن ذريعي يوڪرين بحران جي خاتمي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں