آمريڪا پاران اڳوڻي سفير لوراڊوگو وينزويلا لاءِ نئين ناظم الامور نامزد

ڪراڪس-23 جنوري(اي پي پي) آمريڪا پنهنجي اڳوڻي سفير لوراڊوگو کي وينزويلا لاءِ پنهنجي نئين ناظم الامور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا وينزويلا ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته لوراڊوگو ان کان اڳ مرڪزي آمريڪي ملڪ هنڊوراس ۽ نڪاراگوا ۾ آمريڪي سفير رهي چڪي آهي. هو ڪولمبيا جي گادي واري شهر بگوٽا ۾ قائم وينزويلا جي معاملن واري يونٽ لاءِ آمريڪي ناظم الامور طور …

ڪراڪس-23 جنوري(اي پي پي) آمريڪا پنهنجي اڳوڻي سفير لوراڊوگو کي وينزويلا لاءِ پنهنجي نئين ناظم الامور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا وينزويلا ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته لوراڊوگو ان کان اڳ مرڪزي آمريڪي ملڪ هنڊوراس ۽ نڪاراگوا ۾ آمريڪي سفير رهي چڪي آهي. هو ڪولمبيا جي گادي واري شهر بگوٽا ۾ قائم وينزويلا جي معاملن واري يونٽ لاءِ آمريڪي ناظم الامور طور خدمتون انجام ڏيندي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ سينئر اهلڪار چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا عبوري اختيارين سان گڏجي وينزويلا کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکيو آهي، جيڪو آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ڪانگريس ۽ آمريڪي عوام آڏو پيش ڪيل ٽن مرحلن تي ٻڌل منصوبي جو حصو آهي.

مزید خبریں