حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ترجمان موجب المنظر جي ڀرسان ڦليلي واهه ۾ ضلعي دادو جي خانپور واري علائقي جي نوجوان سرفراز جوڻيجو پاران ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪرڻ جو اطلاع مليو جنهن بعد ريسڪيو ٽيم هنگامي بنيادن تي واقعي واري هنڌ تي پهچي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا شروع ڪئي پر لاش نه ملي سگهيو ۽ اونده ٿي وڃڻ جي ڪري ڳولا روڪي وئي …
حيدرآباد ۾ المنظر وٽ دادو واسي نوجوان جي خودڪشي، لاش جي ڳولا جاري
حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ترجمان موجب المنظر جي ڀرسان ڦليلي واهه ۾ ضلعي دادو جي خانپور واري علائقي جي نوجوان سرفراز جوڻيجو پاران ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪرڻ جو اطلاع مليو جنهن بعد ريسڪيو ٽيم هنگامي بنيادن تي واقعي واري هنڌ تي پهچي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا شروع ڪئي پر لاش نه ملي سگهيو ۽ اونده ٿي وڃڻ جي ڪري ڳولا روڪي وئي آهي ترجمان موجب صبح ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ڳولا شروع ڪئي ويندي.











