ڪراچي سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو ٻن مهينن اندر شروع ڪيو ويندو: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي سلامتي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو ڪراچي سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو ٻن مهينن اندر شروع ڪيو ويندو هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي انسٽاليشن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ آزمائشي مرحلا جاري آهن.اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.وڏي وزير سنڌ سيف …

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي سلامتي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو ڪراچي سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو ٻن مهينن اندر شروع ڪيو ويندو هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي انسٽاليشن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ آزمائشي مرحلا جاري آهن.اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.وڏي وزير سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۽ سکر لاءِ به سيف سٽي منصوبن جي تياري شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته ٽائيم لائين سميت هڪ جامع منصوبو پيش ڪيو وڃي ته جيئن منظوري ڏئي سگهجي. وڏي وزير فوري طور ماهر عملي جي ڀرتي جي هدايت ڪئي ته جيئن اربين رپين جو هي منصوبو ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل طور فعال بڻجي سگهي. اجلاس ۾ منصوبي جي تعميراتي مرحلي مان فعال نگراني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ مرحلي ڏانهن منتقلي جو جائزو ورتو ويو. ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي پهرئين مرحلي تحت 300 پول سائيٽن تي 1300 ڪيمرائون، 18 پوائنٽ آف پريزينس سائيٽون ۽ 23 ايمرجنسي ريسپانس گاڏيون لڳايون ويون آهن ۽ منصوبو هن وقت “ايڪسيپٽنس ٽرائل فيز” ۾ آهي. آپريشنل رڪاوٽن کان بچڻ لاءِ وڏي وزير 34 خاص فني ۽ انتظامي ماهرن جي عارضي ڪنٽريڪٽ بنياد تي مقرري جي منظوري ڏني جن ۾ ليڊ سسٽمز آرڪيٽيڪٽس، بيڪ اينڊ ڊولپرز ۽ سرويلينس آفيسر شامل آهن. وڏي وزير 200 ملين رپين جي نظرثاني ٿيل بجيٽ جي منظوري ڏني. مجموعي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي وئي پر فوري آپريشنل ضرورتن کي نظر ۾ رکندي انساني وسيلن ۽ ٽرانسپورٽ/پيٽرولنگ لاءِ فنڊن جي ٻيهر ورڇ ڪئي وئي. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي عارضي طور سينٽرل پوليس آفيس مان ڪم ڪندي جتي آءِ جي پوليس جاويد اوڍو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام سان ويجهڙائي ۾ رابطي لاءِ هڪ مڪمل فلور فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي سرفراز نواز وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منصوبي جو فني حصو جنهن ۾ سرور، وڊيو والز ۽ فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ شامل آهن، 17 ڊسمبر 2025 تي شيڊول موجب مڪمل ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته ڪمپيوٽر ايڊڊ ڊسپيچ سسٽم کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي ۽ ٻن هفتن اندر فيشل ريڪگنيشن ۽ آٽو ميٽڪ نمبر پليٽ ريڪگنيشن جي لائيو ڊيمانسٽريشن لاءِ تيار ٿي ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ڪراچي جي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. اسان منصوبي واري مرحلي مان نڪري مڪمل طور تي فعال اٿارٽي ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن ضرورت جي بنياد تي ڀرتين جي هدايت پڻ ڏني. وڏي وزير کليل مارڪيٽ مان رڳو ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي فني ماهرن جي ڀرتي لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد ۽ سکر لاءِ سيف سٽي منصوبن جا سروي ۽ صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اسمارٽ ڪيمرائن جي انسٽاليشن جا سروي نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن پاران مڪمل ڪيا ويا آهن۔اجلاس ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، وڏي وزير جو خاص مددگار علي راشد، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سميتا افضل، پي ايم اي سيد سرفراز شاه، حميرا فراز، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو، پرنسپل سيڪريٽري وڏي وزير آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاه، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ رفيع قريشي، اسپيشل سيڪريٽري فنانس اصغر ميمڻ، ڊي جي سيف سٽيز اٿارٽي سرفراز نواز، ڊي جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سلمان شاه شرڪت ڪئي.