وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا پاران ڪراچي ۾ عورتن جي سيف هائوس ”ابتدا“ جو دورو

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا ڪراچي ۾ عورتن جي سيف هائوس “ابتدا” جو دورو ڪيو. ساڻس گڏ انساني حقن واري کاتي جو ڊائريڪٽر آغا فخر حسين ۽ انساني حقن واري کاتي جو وفد پڻ موجود هو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب ان موقعي تي سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن روبينا بروهي به موجود هئي. …

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا ڪراچي ۾ عورتن جي سيف هائوس “ابتدا” جو دورو ڪيو. ساڻس گڏ انساني حقن واري کاتي جو ڊائريڪٽر آغا فخر حسين ۽ انساني حقن واري کاتي جو وفد پڻ موجود هو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب ان موقعي تي سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن روبينا بروهي به موجود هئي. دوري دوران ال دعا رليف ويلفيئر فائونڊيشن جي چيئرپرسن حميرا ميمڻ منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن سيف هائوس جي مقصدن ۽ ڏکيائين ۾ ڦاٿل عورتن کي ڏني ويندڙ سهولتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ال دعا رليف ويلفيئر فائونڊيشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمران شيخ پڻ موجود هو. “ابتدا” سيف هائوس، جنهن جو مطلب “نئين شروعات” آهي، جون 2025 جي شروعات ۾ سنڌ جي عورتن جي ترقي واري کاتي جي وزير شاهينا شير علي پاران افتتاح ڪيو ويو هو. هي سيف هائوس عورتن جي ترقي واري کاتي ۽ ال دعا رليف ويلفيئر فائونڊيشن جي گڏيل ڪوششن سان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد تشدد ۽ ڏکين حالتن جي شڪار عورتن کي محفوظ رهائش، تحفظ، بحالي، قانوني مدد ۽ فني تربيت مهيا ڪرڻ آهي. خاص طور تي ڪورنگي ۽ ملير جي علائقن مان ايندڙ عورتن کي هتي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. بريفنگ دوران انتظاميه سيف هائوس جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار، سهولتن ۽ پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي. انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا عورتن جي ترقي واري کاتي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا سيف هائوس ڏکيائين ۾ ڦاٿل عورتن جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهن. هن يقين ڏياريو ته پيش ڪيل مسئلن کي لاڳاپيل اختيارين سان کڻي حل لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. وفد سيف هائوس جي مختلف سهولتن جو جائزو پڻ ورتو ۽ انتظام ۽ سنڀال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن “ابتدا” کي هڪ سٺو ماڊل قرار ڏنو، جيڪو سنڌ حڪومت جي ان ويزن سان هم آهنگ آهي، جنهن تحت صوبي ۾ ڪمزور ۽ متاثر عورتن لاءِ وڌيڪ محفوظ جايون قائم ڪيون پيون وڃن.