پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه پاران چوٽياري لڳ لڄالٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻيل  شاد بانو ملاح جي اسپتال ۾ عيادت

حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه گذريل ڏينهن سانگهڙ لڳ چوٽياري واري هنڌ ۾ شاد بانو ملاح سان جنسي زيادتي ڪرڻ کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس زبان ڪاٽڻ واري افسوسناڪ واقعي تي سول اسپتال نوابشاهه پهچي متاثر نياڻي جي عيادت ڪئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ کيس حيدرآباد روانو ڪيو پي پي پي جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب  ان …

حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه گذريل ڏينهن سانگهڙ لڳ چوٽياري واري هنڌ ۾ شاد بانو ملاح سان جنسي زيادتي ڪرڻ کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس زبان ڪاٽڻ واري افسوسناڪ واقعي تي سول اسپتال نوابشاهه پهچي متاثر نياڻي جي عيادت ڪئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ کيس حيدرآباد روانو ڪيو پي پي پي جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب  ان موقعي تي عاجز ڌامراهه متاثر خاندان ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملوث شخص کي ڪنهن به  صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ قانون مطابق سزا ڏياري ويندي _ هن چيو  ته صوبائي گهرو وزير  ضياالحسن لنجار جي هدايت تي ڄاڻايل شخص خلاف ايف آئي داخل ڪئي وئي آهي ۽ صوبائي وزير صحت عذرا فضل پيچوهو پاران متاثر نياڻي شاد بانو جي مڪمل علاج جو پڻ يقين ڏياريو ويو آهي. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ ملاح،توصيف ڌامراهه، نثار ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.