لاڙڪاڻو-22 جنوري (اي پي پي)صوبائي (محتسب) سنڌ جي ڪنسلٽنٽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر ريجنل آفيس لاڙڪاڻو چيو آهي ته معاشري ۾ عورت جو ڪردار تمام اهم آهي ۽ هوءَ هر صورت ۾ خدمت ڪري ٿي جنهن معاشري ۾ عورت جي عزت ناهي اهو معاشرو قابل قبول نه آهي. اسان کي هر انسان جي عزت ڪرڻ گھرجي ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي عزت جي نگاھ …
معاشري ۾ عورت جو ڪردار تمام اهم آهي:سيد شڪيل حيدر
لاڙڪاڻو-22 جنوري (اي پي پي)صوبائي (محتسب) سنڌ جي ڪنسلٽنٽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر ريجنل آفيس لاڙڪاڻو چيو آهي ته معاشري ۾ عورت جو ڪردار تمام اهم آهي ۽ هوءَ هر صورت ۾ خدمت ڪري ٿي جنهن معاشري ۾ عورت جي عزت ناهي اهو معاشرو قابل قبول نه آهي. اسان کي هر انسان جي عزت ڪرڻ گھرجي ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي عزت جي نگاھ سان ڏسڻ گھرجي، جيڪڏهن اوهان عورتن کي ڪنهن به اداري ۾ ڪو هراسمينٽ ڪري ته اوهان ان خلاف درخواست داخل ڪريو. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالهه شيخ زيد وومين اسپتال لاڙڪاڻي جي نرسنگ وومين ڪاليج ۾ عورتن کي هراسمينٽ ڪرڻ متعلق ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ مشڪلاتون آهن پر ان لاءِ اوهان کي مضبوط ٿي سچ ڳالهائڻ گھرجي. هن چيو ته اوهان کي ڪو جسماني طور تي هراسان ڪري ٿو ته ان لاءِ به قانون موجود آهي جنهن جي نتيجي ۾ سزا به ڏئي سگھجي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن سان به ناجائزي نه ٿيڻ گھرجي ۽ ڪنهن به گناھ جي حمايت نه ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي گھر، اداري ۽ معاشري ۾ رهندڙ انهن ماڻهن خلاف آواز اٿارڻ گھرجي جيڪي عورتن کي هراسان ڪن ٿا. هن چيو ته اداري ۾ آفيسر جو ڪردار تمام اهم آهي ۽ ان آفيسر جو فرض آهي ته اداري ۾ ٿيندڙ هراسمينٽ کي روڪي اوهان عورتن کي مضبوط ٿي سچ ڳالهائڻ گھرجي ۽ هن وومين اسپتال ۾ جيڪي عورتون ڪم ڪن ٿيون اتي جيڪڏهن ڪو مريض عورت ملازمه کي هراسان ڪري ته ان جي خلاف پڻ شڪايت ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ خاموشي ٽوڙڻ تمام ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته نرسنگ جي شعبي ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون ۽ خدمت پڻ ڪن ٿيون ۽ نرس، ڊاڪٽر جو رويو مريضن لاءِ تمام اهم هوندو آهي. هن چيو ته ڪنهن به ڏوھ جي جاچ پڙتال ٿي سگھي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن ملازم خلاف هراسمينٽ جي درخواست داخل ٿئي ته ان جي خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ به فيصلو ڏئي سگھجي ٿو. ان لاءِ مان اهو چوندس ته اوهان عورتون جن به ادارن ۾ ڪم ڪريو ٿيون ته اتي اوهان کي مضبوط ٿي ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ قرآن پاڪ ۾ عورتن جي حصي بابت ۽ ٻين شين متعلق قانون موجود آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان پنهنجي شڪايت اداري ۾ داخل ڪريو جتي اوهان کي انصاف ملي سگھي ۽ جيڪڏهن اداري ۾ ڪو مرد ڪنهن عورت کي هراسمينٽ ڪري ٿو ته ان جي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ان جي انڪريمينٽ ختم ڪرڻ، پروموشن روڪڻ ۽ ٻيون قانوني سزائون ڏئي سگھجن ٿيون. هن چيو ته محتسب اداري جي توهين هاءِ ڪورٽ جي توهين برابر آهي جنهن تحت سزا پڻ ڏئي سگھجي ٿي.ان کان اڳ وومين نرسنگ ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسيپل عبدالرئوف سومرو آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي متعلق تفصيلي ڄاڻ پڻ ڏني.











