حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) حيسڪو جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن اين ٽي پي ايس لطيف آباد ۽ ڦليلي جي 11 ڪي وي فيڊر ڪوه نور، ريشم گلي، پڪو قلعو، فقير جو پڙ، او پي ون شاهي بازار فيڊرز تي ترقياتي ۽ مرمتي ڪم جي ڪري ڄاڻايل علائقن ۾ 23 جنوري کان 6 فيبروري تائين صبح جو نائين وڳي کان منجهند جو ٻين وڳي …
حيسڪو ترجمان پاران مرمت جي سلسلي ۾ بجلي بند ڪرڻ بابت پڌرائي
حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) حيسڪو جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن اين ٽي پي ايس لطيف آباد ۽ ڦليلي جي 11 ڪي وي فيڊر ڪوه نور، ريشم گلي، پڪو قلعو، فقير جو پڙ، او پي ون شاهي بازار فيڊرز تي ترقياتي ۽ مرمتي ڪم جي ڪري ڄاڻايل علائقن ۾ 23 جنوري کان 6 فيبروري تائين صبح جو نائين وڳي کان منجهند جو ٻين وڳي تائين بجلي جي فراهمي معطل رهندي. ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته بجلي جي بندش دوران حيسڪو اسٽاف سان تعاون ڪيو وڃي.











