گل پلازا سانحو هڪ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گل پلازا سانحو هڪ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن تي هر اک آلي ۽ هر پاڪستاني غمگين آهي. هي غم رڳو پونئرن جو نه پر اسان سڀني جو آهي ۽ جنهن اذيتن مان متاثر خاندان گذري رهيا آهن، ان ڏکئي گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي …

ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گل پلازا سانحو هڪ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن تي هر اک آلي ۽ هر پاڪستاني غمگين آهي. هي غم رڳو پونئرن جو نه پر اسان سڀني جو آهي ۽ جنهن اذيتن مان متاثر خاندان گذري رهيا آهن، ان ڏکئي گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحي جي پهرين ڏينهن کان سنڌ حڪومت هڪ نقطي واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي ته ملبي ۾ موجود سڀئي لاش ڪڍيا وڃن. ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا پيا وڃن، حڪومت کي 86 گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات ملي چڪي آهي، جڏهن ته باقي ماڻهن جي ڳولها جاري آهي ۽ انتظاميا رات ڏينهن ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا ۽ سنڌ حڪومت 1200 دڪاندارن جي نقصان جو ازالو ڪندي. ماضي ۾ ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ ۽ عاشوريٰ جي موقعي تي بولٽن مارڪيٽ سڙڻ جي واقعن ۾ به سنڌ حڪومت چيمبر آف ڪامرس وسيلي نقصان جو اندازو لڳرائي متاثر دڪاندارن کي معاوضو ڏنو هو ۽ هن ڀيري به هڪ منظم نظام تحت ايمانداري سان ازالو ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انساني جان جي ڪا قيمت نٿي لڳائي سگهجي. حڪومت چاهي ٿي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. فائر فائٽنگ دوران هڪ فائر فائٽر شهيد ٿيو آهي ۽ حڪومت سندس گھر وارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن ٻڌايو ته پهرين جنوري 2024ع تي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سڀني دڪانن کي نوٽيس موڪليا ويا هئا، ۽ ان وقت نگران وزيراعليٰ موجود هو. هن چيو ته هن باھ لڳڻ جي شفاف جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪا باهه لڳڻ جا سبب، ريسڪيو ۾ ڪوتاهي ۽ ٻين عملن جو جائزو وٺندي. اسان سڀ ڪميٽي جي رپورٽ جا منتظر آهيون. شرجيل انعام ميمڻ موجب چيمبر آف ڪامرس جي وفد وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪئي آهي ۽ سڀني عمارتن ۾ فائر سيفٽي يقيني بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي. جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ اندازي مطابق 90 سيڪڙو عمارتن ۾ فائر سيفٽي جو نظام موجود ناهي ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ وقت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ جماعت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇا ان صورت ۾ اهڙا واقعا نه ٿيندا؟ اهي ئي جماعتون آهن جن ماڻهن کي جيئرو ساڙيو. عاشوريٰ واري سانحي ۾ بولٽن مارڪيٽ کي باهه لڳائي ۽ علاج حڪومت ڪيو. اڄ به متاثر لاشن جا منتظر آهن ۽ ڪجهه ڌريون سياست ڪري رهيون آهن. هن چيو ته 12 مئي تي ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، بندوقن جو نشانو بڻايو ويو، ۽ اڄ به ان سانحي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي ۽ گل پلازا ۾ هر طبقي جا ماڻهو خريداري لاءِ ايندا هئا.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وڏي دل رکي آهي، سڀني کي معاف ڪيو ۽ موقعو ڏنو. 2008ع کان 2013ع تائين ڪو به سياسي قيدي نه هو. اسان هر دور ۾ جيلون ڪاٽيون آهن ۽ صدر پاڪستان جو نائن زيرو وڃڻ رڳو ڏڦيڙ واري سياست جي خاتمي لاءِ هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گل پلازا جي فارنزڪ جاچ ۽ تخريبڪاري جي عنصر بابت تحقيق جاري آهي. رپورٽ اچڻ ڏيو، جيڪڏهن منهنجو به نالو آيو ته مونکي به بخش نه ڪيو وڃي.