ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يورپ درست رخ ۾ اڳتي ناهي وڌي رهيو ۽ اهو وڏو کنڊ ايتري قدر تبديل ٿي چڪو آهي ته هاڻي اڳ وانگر سڃاڻپ جوڳو به ناهي رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس کي خاص خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته هو يورپ سان محبت ڪري ٿو ۽ چاهيون ٿا ته هو ترقي ڪري پر …
يورپ صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي، گرين لينڊ جي معاملي تي يورپي ملڪن تي ٽيرف لاڳو نه ڪيا ويندا: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يورپ درست رخ ۾ اڳتي ناهي وڌي رهيو ۽ اهو وڏو کنڊ ايتري قدر تبديل ٿي چڪو آهي ته هاڻي اڳ وانگر سڃاڻپ جوڳو به ناهي رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس کي خاص خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته هو يورپ سان محبت ڪري ٿو ۽ چاهيون ٿا ته هو ترقي ڪري پر سندس موجب موجوده حالتون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته يورپ درست رستي تي ناهي هلي رهيو. صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته يورپ ۾ ٿيندڙ تبديليون انتهائي ناڪاري نوعيت جون آهن، جن سبب وڏي کنڊ جي سڃاڻپ متاثر ٿي رهي آهي. اهو بيان هن سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ منعقد ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس دوران ڏنو، جيڪو 19 کان 23 جنوري تائين جاري رهندو. جڏهن ته ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان هڪ نتيجي جوڳي ملاقات کانپوءِ گرين لينڊ ۽ مجموعي طور آرڪٽڪ خطي بابت مستقبل جي هڪ معاهدي جو خاڪو جوڙيو ويو آهي. سندس مطابق ان ئي مفاهمت جي بنياد تي پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندڙ ٽيرف لاڳو نه ڪيو ويندو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو حل قطعي شڪل اختيار ڪري ٿو ته اهو آمريڪا ۽ نيٽو جي سمورن ميمبر ملڪن لاءِ هڪ بهترين معاهدو ثابت ٿيندو، پر هن معاهدي جا تفصيل يا ”مستقبل جي معاهدي جي فريم ورڪ“ جي وضاحت ناهي ڪئي











