پيرس-22 جنوري (اي پي پي) فرانس نيٽو کان گرين لينڊ ۾ هڪ مشق ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جي جواب ۾ چيو آهي ته يورپ دٻاءُ ۾ نه ايندو. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانس …
فرانس پاران نيٽو کان گرين لينڊ ۾ مشق ڪرڻ جو مطالبو، حصو وٺڻ لاءِ تيار

مزید خبریں
پيرس-22 جنوري (اي پي پي) فرانس نيٽو کان گرين لينڊ ۾ هڪ مشق ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جي جواب ۾ چيو آهي ته يورپ دٻاءُ ۾ نه ايندو. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانس نيٽو کان گرين لينڊ ۾ مشق ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ منعقد عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته فرانس ۽ يورپ طاقتور قانون کي خاموشي سان قبول نه ڪندا. ايئن ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته يورپ جي حيثيت ان جي ماتحت جهڙي ٿي ويندي. هن چيو ته يورپ پنهنجي سرحدي خودمختياري ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ بيٺو رهندو. هن چيو ته اسان دٻاءُ کان وڌيڪ احترام کي ترجيح ڏيون ٿا ۽ اسان ظلم بدران قانون جي حڪمراني کي مقدم سمجهون ٿا.











