برطانيه جي مٿين ايوان پاران ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جي منظوري

لنڊن - 22 جنوري (اي پي پي ) برطانيا جي پارليامينٽ جي مٿين ايوان ننڍي عمر جي ٻارن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي، جنهن بعد حڪومت تي دٻاءُ وڌايو ويو آهي ته اها آسٽريليا ۾ لاڳو قانون کي اختيار ڪري. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر گذريل ڏينهن چيو هو ته هو ڪنهن به آپشن کي رد ناهيون ڪري رهيا ۽ هن …

لنڊن – 22 جنوري (اي پي پي ) برطانيا جي پارليامينٽ جي مٿين ايوان ننڍي عمر جي ٻارن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي، جنهن بعد حڪومت تي دٻاءُ وڌايو ويو آهي ته اها آسٽريليا ۾ لاڳو قانون کي اختيار ڪري. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر گذريل ڏينهن چيو هو ته هو ڪنهن به آپشن کي رد ناهيون ڪري رهيا ۽ هن ملڪ جي ٻارن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو وعدو ڪيو هو.  پر سندس حڪومت قانون سازي کان پهريان گرمي جي موسم ۾ مڪاني صلاح مشوري جي نتيجي جو انتظار ڪرڻ چاهي ٿي . حڪومتي پارٽي ۽ اپوزيشن ٻنهي ۾ اهو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي ته برطانيه به آسٽريليا جي پيروي ڪري جتي 16 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڊسمبر کان سوشل ميڊيا ايپس جي استعمال کان روڪيو ويو آهي .ڪنزر ويٽو پارٽي جي ميمبر جان نيش جي پيش ڪيل ترميم اربع ڏينهن مٿين ايوان ۾ منظور ڪئي وئي جنهن جي حق ۾ وڏي انگ ۾ ووٽ وڌا ويا . ترميم جي مخالفت ۾ گهٽ ووٽ پيا ۽ ان جي حمايت لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ميمبرن به ڪئي . جان نيش چيو ته اڄ ايوان ٻارن جي مستقبل کي ترجيح ڏني آهي ۽ هي ووٽ ان نقصان کي روڪڻ جي عمل جي شروعات آهي، جيڪو سوشل ميڊيا هڪ پوري نسل کي پهچائي رهيو آهي. ووٽنگ کان اڳ وزيراعظم جي آفيس چيو هو ته حڪومت ان ترميم کي قبول نه ڪندي، جيڪا هاڻي هيٺين ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي جتي ليبر پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي. ليبر پارٽي 60 کان وڌيڪ پارليامينٽ جي ميمبرن وزيراعظم کان مطالبو ڪري چڪا آهن ته هو ان پابندي جي حمايت ڪري. مشهور شخصيتن جن ۾ هڪ مشهور اداڪار به شامل آهي، حڪومت کان ان تجويز جي حمايت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته والدين اڪيلي سوشل ميڊيا جي نقصانن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل ڪجهه تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته اهڙيون پابنديون ماڻهن کي تحفظ جو غلط احساس ڏياري سگهن ٿيون. ڊسمبر ۾ ڪيل هڪ عوامي سروي موجب برطانيه جو 74 سيڪڙو عوام ان پابندي جي حمايت ڪري ٿو. آن لائن سيفٽي قانون تحت نقصانڪار مواد لاءِ عمر جي تصديق جو محفوظ نظام لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

مزید خبریں