ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 26 جنوري تي ڀارتي جمھوريه جي ڏھاڙي کي ”ڪاري ڏينھن“ طور ملھايو ويندو

سرينگر - 22 جنوري (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آھن، جن جي ذريعي ماڻھن کي اپيل ڪئي وئي آھي ته اهي 26 جنوري تي ڀارتي جمھوريه جي ڏھاڙي کي ”ڪاري ڏينھن“ طور ملھائين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مختلف شھرن ۾ ڀتين ۽ ٿنڀن تي لڳل پوسٽرن ۾ لکيل آھي ”ڀارتي جھموريه جو ڏھاڙو ڪشمرين لاءِ ڪارو ڏينھن …

سرينگر – 22 جنوري (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آھن، جن جي ذريعي ماڻھن کي اپيل ڪئي وئي آھي ته اهي 26 جنوري تي ڀارتي جمھوريه جي ڏھاڙي کي ”ڪاري ڏينھن“ طور ملھائين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مختلف شھرن ۾ ڀتين ۽ ٿنڀن تي لڳل پوسٽرن ۾ لکيل آھي ”ڀارتي جھموريه جو ڏھاڙو ڪشمرين لاءِ ڪارو ڏينھن آھي، گڏيل قومن جي ٺھرائن ۾ ڪشميرين جي خوداراديت وارو حق قبول ڪيو ويو آھي ۽ ڪشميري ان حق جي مطالبي کان ڪڏھن به پوئتي نه ھٽندا ۽ ان حوالي سان پنھنجي جدوجھد کي ھر قيمت تي پنھنجي انجام تائين پھچائيندا. ”پوسٽرن ۾ وڌيڪ لکيل آھي“ وحشياڻين ڪارروائين ۽ غيرقانوني نظربندين ذريعي ڪشميرين جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگھجي.

مزید خبریں