صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چائنيز لنگ زي گروپ آف ڪمپني جي وفد ملاقات

ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چائنيز لنگ زي گروپ آف ڪمپني جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري بلديات، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن پڻ موجود هئا. چائنيز ڪمپني سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ صوبائي وزير کي پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن …

ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چائنيز لنگ زي گروپ آف ڪمپني جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري بلديات، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن پڻ موجود هئا. چائنيز ڪمپني سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ صوبائي وزير کي پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. ڪمپني سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ جا پلانٽ ۽ زمين هيٺ پاڻي کي استعمال لائق بڻائڻ جا پلانٽ لڳائڻ ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڀليڪار چئون ٿا، سنڌ حڪومت اوهان جي پيشيوراڻي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. هن چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي هر شهر ۽ ڳوٺ تائين پهچائڻ لاءِ ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته عوام کي سڀ سهولتون سندن در تي مهيا ڪيون وڃن ۽ صوبائي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي انهن هدايتن تي عملدرآمد لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي.