سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ملاقات

ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ملاقات ٿي جنهن دوران زراعت، لائيو اسٽاڪ، انشورنس ۽ ماربل سٽي منصوبن سميت اهم شعبن جي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. ملاقات دوران زراعت، لائيو اسٽاڪ، انشورنس ۽ ماربل سٽي منصوبن جي ترقي تي تفصيلي …

ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ملاقات ٿي جنهن دوران زراعت، لائيو اسٽاڪ، انشورنس ۽ ماربل سٽي منصوبن سميت اهم شعبن جي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. ملاقات دوران زراعت، لائيو اسٽاڪ، انشورنس ۽ ماربل سٽي منصوبن جي ترقي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ فصلن جي انشورنس جو تصور موجود نه هو پر هاڻي فصلن جي انشورنس متعارف ڪرائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته فصلن جي فنانسنگ ۽ انشورنس انتهائي اهم آهن، ڇو ته مناسب مالي سهڪار کانسواءِ هاري بهتر پيداوار حاصل نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ زرعي بنيادن تي صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم قدم کڻي رهي آهي.وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت لانڍي ۽ گڏاپ جي ڪيٽل ڪالونين کي بيمارين کان پاڪ زون بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کي بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ڪيٽل ڪالونين کي بيمارين کان پاڪ ڪرڻ جو عمل اڳ ئي جاري آهي ۽ يقين ڏياريو ته فُٽ اينڊ مائوٿ ڊزيز جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن ڪراچي ۾ گل پلازا جي افسوسناڪ سانحي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڀريو ته گل پلازا جهڙين وڏين تجارتي عمارتن جي انشورنس هجڻ گهرجي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته انشورنس ٿيل عمارتن جو باقاعده معائنو به ڪيو ويندو آهي جنهن سان وڏن حادثن جي روڪٿام ۾ مدد ملي سگهي ٿي. اجلاس ۾ وڏين پلازائن جي انشورنس لاءِ عملي قدم کڻڻ ۽ تجارتي ۽ رهائشي عمارتن جي بيمه بابت قانونسازي جي اصولي منظوري تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير سنڌ ماربل سٽي منصوبن کي وسيع معاشي ترقي جي ايجنڊا تحت ترجيح قرار ڏنو. هن جاري منصوبن لاءِ مراعتن تي ڳالهه ڪئي ۽ سکر ۾ نئين ماربل سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن سان صوبي جي صنعتي دائري ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد ماربل سٽي ڪراچي لاءِ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته هي هڪ مخصوص صنعتي زون آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي ماربل، مٽيريلز ۽ معدنيات واري شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيارڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ ماربل جا وڏا ذخيرا موجود هجڻ باوجود، پراڻي مشينري، گڏيل سهولتن جي کوٽ، عالمي معيارن تي گهٽ عملدرآمد ۽ عالمي منڊين تائين محدود رسائي سبب ايڪسپورٽ محدود آهي. ماربل سٽي ڪراچي انهن مسئلن جي حل لاءِ رٿابند انفراسٽرڪچر، گڏيل سهولتون ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هي منصوبو ويليو ايڊيشن، جديد پروسيسنگ معيار، ايڪسپورٽ کي بهٿي ڏيڻ ۽ ماربل انڊسٽري کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي کتل آهي جيڪو ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ جي مينڊيٽ سان هم آهنگ آهي جنهن جو مقصد بهتر انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي، مهارتن ۽ مارڪيٽ ڊيولپمينٽ ذريعي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو ماربل انڊسٽري جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.اجلاس ۾ صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام الله ڌاريجو، وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار قاسم نويد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي شرڪت ڪئي